Surah Al-Ahqaf Ayahs #20 Translated in Sindhi
أُولَٰئِكَ الَّذِينَ نَتَقَبَّلُ عَنْهُمْ أَحْسَنَ مَا عَمِلُوا وَنَتَجَاوَزُ عَنْ سَيِّئَاتِهِمْ فِي أَصْحَابِ الْجَنَّةِ ۖ وَعْدَ الصِّدْقِ الَّذِي كَانُوا يُوعَدُونَ
اِھي اُھي آھن جن جا تمام چڱا ڪم جيڪي ڪيائون سي قبول ڪندا آھيون ۽ سندين مداين کان ٽارو ڪندا آھيون (اھي) بھشتن ۾ ھوندا، جيڪو ساڻن سچو وعدو ڪبو ھو تنھن جي ڪري
وَالَّذِي قَالَ لِوَالِدَيْهِ أُفٍّ لَكُمَا أَتَعِدَانِنِي أَنْ أُخْرَجَ وَقَدْ خَلَتِ الْقُرُونُ مِنْ قَبْلِي وَهُمَا يَسْتَغِيثَانِ اللَّهَ وَيْلَكَ آمِنْ إِنَّ وَعْدَ اللَّهِ حَقٌّ فَيَقُولُ مَا هَٰذَا إِلَّا أَسَاطِيرُ الْأَوَّلِينَ
۽ جنھن پنھنجي ماءُ پيءُ کي چيو تہ، اوھان کي حيف ھجي مون کي انجام ڏيو ٿا ڇا تہ (قبرن مان) ڪڍيو ويندس؟ ۽ بيشڪ مون کان اڳ (ماڻھن جا) ڪيترائي جُڳ گذري ويا آھن (تہ منجھانئن وري ڪو بہ جيئرو نہ ٿيو) ۽ اھي ٻئي الله کي ٻاڏائيندا آھن ۽ (چوندا اٿس تہ) ڪم بخت ايمان آڻ، ڇو تہ الله جو انجام سچو آھي، پوءِ چوندو آھي تہ اھو (انجام) رڳو اڳوڻن جو آکاڻيون آھن
أُولَٰئِكَ الَّذِينَ حَقَّ عَلَيْهِمُ الْقَوْلُ فِي أُمَمٍ قَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلِهِمْ مِنَ الْجِنِّ وَالْإِنْسِ ۖ إِنَّهُمْ كَانُوا خَاسِرِينَ
اِھي اُھي آھن جن تي (اھڙي) سزا لازم ٿي، (جھڙي اُنھن) ٽولين ۾ ٿي جي جِنن ۽ ماڻھن مان کانئن اڳ گذري ويا، بيشڪ اھي ڇيئي وارا ھئا
وَلِكُلٍّ دَرَجَاتٌ مِمَّا عَمِلُوا ۖ وَلِيُوَفِّيَهُمْ أَعْمَالَهُمْ وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ
۽ سڀڪنھن لاءِ (ڌار ڌار) درجا انھيءَ آھر آھن، جيڪي ڪم ڪيائون، ۽ (ھيُ ھِن لاءِ) تہ (الله) سندن عملن جو کين پورو بدلو ڏئي ۽ مٿن ظلم نہ ڪبو
وَيَوْمَ يُعْرَضُ الَّذِينَ كَفَرُوا عَلَى النَّارِ أَذْهَبْتُمْ طَيِّبَاتِكُمْ فِي حَيَاتِكُمُ الدُّنْيَا وَاسْتَمْتَعْتُمْ بِهَا فَالْيَوْمَ تُجْزَوْنَ عَذَابَ الْهُونِ بِمَا كُنْتُمْ تَسْتَكْبِرُونَ فِي الْأَرْضِ بِغَيْرِ الْحَقِّ وَبِمَا كُنْتُمْ تَفْسُقُونَ
۽ انھيءَ ڏينھن، جو ڪافر باھ جي آڏو ڪبا، (چئبن تہ) پنھنجون نعمتون پنھنجي دنيائي حياتيءَ ۾ (نہ) وڃائي چڪؤ ۽ انھن سان مزا ماڻيندا رھيؤ، تنھنڪري اڄ اوھان کي خواريءَ جي عذاب جو بدلو انھيءَ ڪري ڏبو جو زمين ۾ ناحق وڏائي ڪندا ھئو ۽ انھيءَ ڪري (بہ) جو بدڪاري ڪندا ھئو
Choose other languages:

Albanian

Amharic

Azerbaijani

Bengali

Bosnian

Bulgarian

Burmese

Chinese

Danish

Dutch

English

Farsi

Filipino

French

Fulah

German

Gujarati

Hausa

Hindi

Indonesian

Italian

Japanese

Jawa

Kazakh

Khmer

Korean

Kurdish

Kyrgyz

Malay

Malayalam

Norwegian

Pashto

Persian

Polish

Portuguese

Punjabi

Russian

Sindhi

Sinhalese

Somali

Spanish

Swahili

Swedish

Tajik

Tamil

Tatar

Telugu

Thai

Turkish

Urdu

Uyghur

Uzbek

Vietnamese

Yoruba
