Quran Apps in many lanuages:

Surah Yunus Ayahs #90 Translated in Sindhi

وَنَجِّنَا بِرَحْمَتِكَ مِنَ الْقَوْمِ الْكَافِرِينَ
وري اُن (نوح) کانپوءِ (گھڻا) پيغمبر سندن قوم ڏانھن موڪلياسون پوءِ وٽن پڌرن مُعجزن سان آيا پوءِ اھڙا نہ ھئا جو جنھن شئي کي پھريائين ڪوڙ ڀانيو ھئائون تنھن تي ايمان آڻين، اھڙيءَ طرح حد کان لنگھندڙن جي دلين تي مھر ھڻندا آھيون
وَأَوْحَيْنَا إِلَىٰ مُوسَىٰ وَأَخِيهِ أَنْ تَبَوَّآ لِقَوْمِكُمَا بِمِصْرَ بُيُوتًا وَاجْعَلُوا بُيُوتَكُمْ قِبْلَةً وَأَقِيمُوا الصَّلَاةَ ۗ وَبَشِّرِ الْمُؤْمِنِينَ
وري کائن پوءِ موسىٰ ۽ ھارون کي فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن پنھنجن معجزن سميت موڪليوسون پوءِ وڏائي ڪيائون ۽ ڏوھارڻ قوم ھئي
وَقَالَ مُوسَىٰ رَبَّنَا إِنَّكَ آتَيْتَ فِرْعَوْنَ وَمَلَأَهُ زِينَةً وَأَمْوَالًا فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا رَبَّنَا لِيُضِلُّوا عَنْ سَبِيلِكَ ۖ رَبَّنَا اطْمِسْ عَلَىٰ أَمْوَالِهِمْ وَاشْدُدْ عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ فَلَا يُؤْمِنُوا حَتَّىٰ يَرَوُا الْعَذَابَ الْأَلِيمَ
پوءِ جنھن مھل وٽن اسان وٽان سچي ڳالھ آئي (تڏھن) چيائون تہ بيشڪ ھيءَ پڌرو جادو آھي
قَالَ قَدْ أُجِيبَتْ دَعْوَتُكُمَا فَاسْتَقِيمَا وَلَا تَتَّبِعَانِّ سَبِيلَ الَّذِينَ لَا يَعْلَمُونَ
موسىٰ چيو تہ جڏھن اوھان وٽ حق آيو (تڏھن) اُن لاءِ ڇو چوندا آھيو (تہ جادو آھي)؟ ھيءُ جادو آھي ڇا؟ حالانڪہ جادوگر ڪامياب نہ ٿيندا آھن
وَجَاوَزْنَا بِبَنِي إِسْرَائِيلَ الْبَحْرَ فَأَتْبَعَهُمْ فِرْعَوْنُ وَجُنُودُهُ بَغْيًا وَعَدْوًا ۖ حَتَّىٰ إِذَا أَدْرَكَهُ الْغَرَقُ قَالَ آمَنْتُ أَنَّهُ لَا إِلَٰهَ إِلَّا الَّذِي آمَنَتْ بِهِ بَنُو إِسْرَائِيلَ وَأَنَا مِنَ الْمُسْلِمِينَ
چيائون تہ اسان وٽ ھن لاءِ آيو آھين ڇا تہ جنھن (ريت) تي اسان پنھنجا پيءُ ڏاڏا ڏٺا تنھن کان اسان کي ڦيرائين ۽ مُلڪ ۾ اوھان (ٻنھي) لاءِ وڏپ ھجي؟ ۽ اسين اوھان کي مڃڻ وارا نہ آھيون

Choose other languages: