Quran Apps in many lanuages:

Surah Yunus Ayahs #11 Translated in Sindhi

إِنَّ الَّذِينَ لَا يَرْجُونَ لِقَاءَنَا وَرَضُوا بِالْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَاطْمَأَنُّوا بِهَا وَالَّذِينَ هُمْ عَنْ آيَاتِنَا غَافِلُونَ
بيشڪ جيڪي اسان جي ملڻ جو آسرو نہ ٿا رکن ۽ دنيا جي حياتيءَ ساڻ ريجھي ويا ۽ اُنھيءَ سان آرامي ٿي رھيا ۽ اُھي جيڪي اسان جي آيتن کان بيخبر رھيا
أُولَٰئِكَ مَأْوَاهُمُ النَّارُ بِمَا كَانُوا يَكْسِبُونَ
اِھي جيڪي ڪمائيندا رھيا تنھن سببان اُنھن جو ھنڌ باھ آھي
إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ يَهْدِيهِمْ رَبُّهُمْ بِإِيمَانِهِمْ ۖ تَجْرِي مِنْ تَحْتِهِمُ الْأَنْهَارُ فِي جَنَّاتِ النَّعِيمِ
(۽) جن مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن پالڻھار سندن ايمان سببان (اَھڙن بھشتن ڏانھن) سڌو رستو ڏيکاريندو، جن جي ھيٺان نعمتن وارن باغن ۾ واھيون وھنديون آھن
دَعْوَاهُمْ فِيهَا سُبْحَانَكَ اللَّهُمَّ وَتَحِيَّتُهُمْ فِيهَا سَلَامٌ ۚ وَآخِرُ دَعْوَاهُمْ أَنِ الْحَمْدُ لِلَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ
منجھن سندن دُعا (ھيءَ) آھي تہ اي الله! تو کي پاڪائي جڳائي ۽ منجھن سندن آجيان سلام آھي، سندن دُعا جي پڄاڻي ھيءَ آھي تہ سڀ ساراھ جھانن جي پالڻھار الله کي جُڳائي
وَلَوْ يُعَجِّلُ اللَّهُ لِلنَّاسِ الشَّرَّ اسْتِعْجَالَهُمْ بِالْخَيْرِ لَقُضِيَ إِلَيْهِمْ أَجَلُهُمْ ۖ فَنَذَرُ الَّذِينَ لَا يَرْجُونَ لِقَاءَنَا فِي طُغْيَانِهِمْ يَعْمَهُونَ
۽ جيڪڏھن الله ماڻھن لاءِ مدائي جلد موڪلي ھا جھڙو ھي پنھنجي چڱائي جلد گھرندا آھن تہ سندن (مقرر ٿيل) مدت اُنھن لاءِ پوري ڪئي وڃي ھا، پوءِ جيڪي اسان جي ملڻ جي اُميد نہ رکندا آھن تن کي سندن گمراھيءَ ۾ حيران ڇڏيندا آھيون

Choose other languages: