Quran Apps in many lanuages:

Surah Ya-Seen Ayahs #18 Translated in Sindhi

إِذْ أَرْسَلْنَا إِلَيْهِمُ اثْنَيْنِ فَكَذَّبُوهُمَا فَعَزَّزْنَا بِثَالِثٍ فَقَالُوا إِنَّا إِلَيْكُمْ مُرْسَلُونَ
جڏھن جو اُنھن ڏانھن ٻن پيغمبرن کي موڪليوسون، پوءِ ٻنھي کي ڪوڙو ڀانيائون، تنھنڪري ٽئين سان غلبو ڏنوسون، پوءِ (گڏجي) چيائون تہ، بيشڪ اسين اوھان ڏانھن موڪليل آھيون
قَالُوا مَا أَنْتُمْ إِلَّا بَشَرٌ مِثْلُنَا وَمَا أَنْزَلَ الرَّحْمَٰنُ مِنْ شَيْءٍ إِنْ أَنْتُمْ إِلَّا تَكْذِبُونَ
چيائون تہ اوھين تہ رڳو اسان جھڙا ماڻھو آھيو ۽ ٻاجھاري (الله) ڪا شئي نہ لاٿي آھي، اوھين رڳو ڪُوڙا آھيو
قَالُوا رَبُّنَا يَعْلَمُ إِنَّا إِلَيْكُمْ لَمُرْسَلُونَ
چيائون تہ اسان جو پالڻھار ڄاڻندو آھي، تہ بيشڪ اسين اوھان ڏانھن موڪليل آھيون
وَمَا عَلَيْنَا إِلَّا الْبَلَاغُ الْمُبِينُ
۽ اسان تي پڌري پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪجھ لازم) نہ آھي
قَالُوا إِنَّا تَطَيَّرْنَا بِكُمْ ۖ لَئِنْ لَمْ تَنْتَهُوا لَنَرْجُمَنَّكُمْ وَلَيَمَسَّنَّكُمْ مِنَّا عَذَابٌ أَلِيمٌ
چيائون تہ بيشڪ اسان اوھان جي (اچڻ) سببان بدبختي سمجھي آھي، جيڪڏھن اوھين نہ جھلبؤ تہ اوھان کي پٿرن سان مارينداسون ۽ ضرور اسان کان اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب پھچندو

Choose other languages: