Quran Apps in many lanuages:

Surah Ya-Seen Ayahs #20 Translated in Sindhi

قَالُوا رَبُّنَا يَعْلَمُ إِنَّا إِلَيْكُمْ لَمُرْسَلُونَ
چيائون تہ اسان جو پالڻھار ڄاڻندو آھي، تہ بيشڪ اسين اوھان ڏانھن موڪليل آھيون
وَمَا عَلَيْنَا إِلَّا الْبَلَاغُ الْمُبِينُ
۽ اسان تي پڌري پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪجھ لازم) نہ آھي
قَالُوا إِنَّا تَطَيَّرْنَا بِكُمْ ۖ لَئِنْ لَمْ تَنْتَهُوا لَنَرْجُمَنَّكُمْ وَلَيَمَسَّنَّكُمْ مِنَّا عَذَابٌ أَلِيمٌ
چيائون تہ بيشڪ اسان اوھان جي (اچڻ) سببان بدبختي سمجھي آھي، جيڪڏھن اوھين نہ جھلبؤ تہ اوھان کي پٿرن سان مارينداسون ۽ ضرور اسان کان اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب پھچندو
قَالُوا طَائِرُكُمْ مَعَكُمْ ۚ أَئِنْ ذُكِّرْتُمْ ۚ بَلْ أَنْتُمْ قَوْمٌ مُسْرِفُونَ
(پيغمبرن) چيو تہ، اوھان جي بدبختي اوھان سان آھي، جيڪڏھن اوھان کي نصيحت ڏبي آھي تہ (اِنھيءَ ڪري) ڇا؟ بلڪ اوھين حد کان لنگھيل قوم آھيو
وَجَاءَ مِنْ أَقْصَى الْمَدِينَةِ رَجُلٌ يَسْعَىٰ قَالَ يَا قَوْمِ اتَّبِعُوا الْمُرْسَلِينَ
۽ شھر جي پرين پاسي کان ھڪ مڙس ڊوڙندو آيو چيائين تہ، اي منھنجي قوم! پيغمبرن جي تابعداري ڪريو

Choose other languages: