Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #80 Translated in Sindhi

جَنَّاتُ عَدْنٍ تَجْرِي مِنْ تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ خَالِدِينَ فِيهَا ۚ وَذَٰلِكَ جَزَاءُ مَنْ تَزَكَّىٰ
سدائين رھڻ جا باغ، جن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ جيڪو پاڪ ٿيو تنھنجو اِھو بدلو آھي
وَلَقَدْ أَوْحَيْنَا إِلَىٰ مُوسَىٰ أَنْ أَسْرِ بِعِبَادِي فَاضْرِبْ لَهُمْ طَرِيقًا فِي الْبَحْرِ يَبَسًا لَا تَخَافُ دَرَكًا وَلَا تَخْشَىٰ
۽ بيشڪ موسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون تہ راتو واھ منھنجي ٻانھن سميت نڪر پوءِ سمنڊ ۾ اُنھن لاءِ سُڪي واٽ بڻاءِ (ويرين کان) پڪڙجڻ جي ڀئو نہ ڪر ۽ نڪي (ٻُڏڻ کان) ڊڄ
فَأَتْبَعَهُمْ فِرْعَوْنُ بِجُنُودِهِ فَغَشِيَهُمْ مِنَ الْيَمِّ مَا غَشِيَهُمْ
پوءِ فرعون پنھنجي لشڪر سميت سندن پوئتان پيو پوءِ سمنڊ مان (پاڻيءَ جو اُھو ڪُن) کين وري ويو جيڪو کين ورڻو ھو
وَأَضَلَّ فِرْعَوْنُ قَوْمَهُ وَمَا هَدَىٰ
۽ فرعون پنھنجي قوم کي گمراھ ڪيو ۽ سڌي رستي نہ لاتو
يَا بَنِي إِسْرَائِيلَ قَدْ أَنْجَيْنَاكُمْ مِنْ عَدُوِّكُمْ وَوَاعَدْنَاكُمْ جَانِبَ الطُّورِ الْأَيْمَنَ وَنَزَّلْنَا عَلَيْكُمُ الْمَنَّ وَالسَّلْوَىٰ
اي بني اسرائيلؤ! بيشڪ اوھان کي اوھان جي دشمنن کان بچايوسون ۽ طور (جبل) جي سڄي پاسي کان اوھان کي (توريت ڏيڻ جو) انجام ڪيوسون ۽ مَن ۽ سَلوىٰ اوھان تي لاٿاسون

Choose other languages: