Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #77 Translated in Sindhi

إِنَّا آمَنَّا بِرَبِّنَا لِيَغْفِرَ لَنَا خَطَايَانَا وَمَا أَكْرَهْتَنَا عَلَيْهِ مِنَ السِّحْرِ ۗ وَاللَّهُ خَيْرٌ وَأَبْقَىٰ
بيشڪ اسان پنھنجي پالڻھار تي ھن لاءِ ايمان آندو آھي تہ اسان جون خطائون ۽ جنھن جادو ڪرڻ تي تو اسان کي زور ڪيو سو اسان کي بخشي، ۽ الله (سڀ کان) ڀلو ۽ سدائين رھڻ وارو آھي
إِنَّهُ مَنْ يَأْتِ رَبَّهُ مُجْرِمًا فَإِنَّ لَهُ جَهَنَّمَ لَا يَمُوتُ فِيهَا وَلَا يَحْيَىٰ
سچ آھي تہ جيڪو پنھنجي پالڻھار وٽ ڏوھاري ٿي ايندو تنھن لاءِ بيشڪ دوزخ آھي، اُھو منجھس نڪي مرندو ۽ نڪي جيئندو
وَمَنْ يَأْتِهِ مُؤْمِنًا قَدْ عَمِلَ الصَّالِحَاتِ فَأُولَٰئِكَ لَهُمُ الدَّرَجَاتُ الْعُلَىٰ
۽ جيڪي مؤمن ٿي چڱا ڪم ڪري وٽس ايندا سي اُھي آھن جن لاءِ وڏا مرتبا آھن
جَنَّاتُ عَدْنٍ تَجْرِي مِنْ تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ خَالِدِينَ فِيهَا ۚ وَذَٰلِكَ جَزَاءُ مَنْ تَزَكَّىٰ
سدائين رھڻ جا باغ، جن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ جيڪو پاڪ ٿيو تنھنجو اِھو بدلو آھي
وَلَقَدْ أَوْحَيْنَا إِلَىٰ مُوسَىٰ أَنْ أَسْرِ بِعِبَادِي فَاضْرِبْ لَهُمْ طَرِيقًا فِي الْبَحْرِ يَبَسًا لَا تَخَافُ دَرَكًا وَلَا تَخْشَىٰ
۽ بيشڪ موسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون تہ راتو واھ منھنجي ٻانھن سميت نڪر پوءِ سمنڊ ۾ اُنھن لاءِ سُڪي واٽ بڻاءِ (ويرين کان) پڪڙجڻ جي ڀئو نہ ڪر ۽ نڪي (ٻُڏڻ کان) ڊڄ

Choose other languages: