Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #76 Translated in Sindhi

قَالُوا لَنْ نُؤْثِرَكَ عَلَىٰ مَا جَاءَنَا مِنَ الْبَيِّنَاتِ وَالَّذِي فَطَرَنَا ۖ فَاقْضِ مَا أَنْتَ قَاضٍ ۖ إِنَّمَا تَقْضِي هَٰذِهِ الْحَيَاةَ الدُّنْيَا
چيائون تہ چٽن دليلن مان جيڪي اسان وٽ آيا تن تي ۽ جنھن اسان کي پيدا ڪيو تنھن تي تو کي ڪڏھن زيادتي نہ ڏينداسون تنھنڪري جيڪي تون ڪرڻ وارو آھين سو ڪر، (تون) رڳو دُنيا جي حياتيءَ بابت فيصلو ڪندين
إِنَّا آمَنَّا بِرَبِّنَا لِيَغْفِرَ لَنَا خَطَايَانَا وَمَا أَكْرَهْتَنَا عَلَيْهِ مِنَ السِّحْرِ ۗ وَاللَّهُ خَيْرٌ وَأَبْقَىٰ
بيشڪ اسان پنھنجي پالڻھار تي ھن لاءِ ايمان آندو آھي تہ اسان جون خطائون ۽ جنھن جادو ڪرڻ تي تو اسان کي زور ڪيو سو اسان کي بخشي، ۽ الله (سڀ کان) ڀلو ۽ سدائين رھڻ وارو آھي
إِنَّهُ مَنْ يَأْتِ رَبَّهُ مُجْرِمًا فَإِنَّ لَهُ جَهَنَّمَ لَا يَمُوتُ فِيهَا وَلَا يَحْيَىٰ
سچ آھي تہ جيڪو پنھنجي پالڻھار وٽ ڏوھاري ٿي ايندو تنھن لاءِ بيشڪ دوزخ آھي، اُھو منجھس نڪي مرندو ۽ نڪي جيئندو
وَمَنْ يَأْتِهِ مُؤْمِنًا قَدْ عَمِلَ الصَّالِحَاتِ فَأُولَٰئِكَ لَهُمُ الدَّرَجَاتُ الْعُلَىٰ
۽ جيڪي مؤمن ٿي چڱا ڪم ڪري وٽس ايندا سي اُھي آھن جن لاءِ وڏا مرتبا آھن
جَنَّاتُ عَدْنٍ تَجْرِي مِنْ تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ خَالِدِينَ فِيهَا ۚ وَذَٰلِكَ جَزَاءُ مَنْ تَزَكَّىٰ
سدائين رھڻ جا باغ، جن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ جيڪو پاڪ ٿيو تنھنجو اِھو بدلو آھي

Choose other languages: