Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #63 Translated in Sindhi

قَالَ مَوْعِدُكُمْ يَوْمُ الزِّينَةِ وَأَنْ يُحْشَرَ النَّاسُ ضُحًى
چيائين تہ اوھان جي اَنجام جو وقت جشن جو ڏينھن آھي ۽ ماڻھو ڏينھن چڙھي گڏ ٿين
فَتَوَلَّىٰ فِرْعَوْنُ فَجَمَعَ كَيْدَهُ ثُمَّ أَتَىٰ
پوءِ فرعون (گھر ڏانھن) موٽيو ۽ پنھنجا ڦند گڏ ڪيائين وري آيو
قَالَ لَهُمْ مُوسَىٰ وَيْلَكُمْ لَا تَفْتَرُوا عَلَى اللَّهِ كَذِبًا فَيُسْحِتَكُمْ بِعَذَابٍ ۖ وَقَدْ خَابَ مَنِ افْتَرَىٰ
موسىٰ جادوگرن کي چيو تہ اوھان تي ويل ھجي! الله تي ڪوڙو ٺاھ نہ ٺاھيو نہ تہ اوھان جي ڪنھن آفت سان پاڙ پٽيندو، ۽ جنھن ٺاھ ٺاھيو سو بيشڪ نامراد ٿيو
فَتَنَازَعُوا أَمْرَهُمْ بَيْنَهُمْ وَأَسَرُّوا النَّجْوَىٰ
پوءِ پنھنجي ڪم ۾ پاڻ ۾ گفتگو ڪيائون ۽ ڳجھيون صلاحون ڪيائون
قَالُوا إِنْ هَٰذَانِ لَسَاحِرَانِ يُرِيدَانِ أَنْ يُخْرِجَاكُمْ مِنْ أَرْضِكُمْ بِسِحْرِهِمَا وَيَذْهَبَا بِطَرِيقَتِكُمُ الْمُثْلَىٰ
چيائون تہ ھي ٻئي ضرور جادوگر آھن پنھنجي جادوءَ سان اوھان کي اوھان جي مُلڪ مان لوڌڻ ۽ اوھان جي (جادوگريءَ واري) نرالي طريقي کي وڃائڻ گھرندا آھن

Choose other languages: