Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #52 Translated in Sindhi

إِنَّا قَدْ أُوحِيَ إِلَيْنَا أَنَّ الْعَذَابَ عَلَىٰ مَنْ كَذَّبَ وَتَوَلَّىٰ
بيشڪ اسان ڏانھن وحي موڪليو ويو آھي تہ جيڪو (الله جي حُڪمن کي) ڪُوڙ ڀانئي ۽ منھن موڙي تنھن تي عذاب (مقرر ٿيل) آھي
قَالَ فَمَنْ رَبُّكُمَا يَا مُوسَىٰ
(فرعون) چيو تہ پوءِ اي موسىٰ! اوھان جو رب ڪير آھي؟
قَالَ رَبُّنَا الَّذِي أَعْطَىٰ كُلَّ شَيْءٍ خَلْقَهُ ثُمَّ هَدَىٰ
(موسىٰ!) چيو تہ اسان جو رب اُھو آھي جنھن ھر شئي کي سندس صورت بخشي وري ھدايت ڪيائين
قَالَ فَمَا بَالُ الْقُرُونِ الْأُولَىٰ
(فرعون) چيو تہ پھرين قومن جو ڪھڙو حال آھي؟
قَالَ عِلْمُهَا عِنْدَ رَبِّي فِي كِتَابٍ ۖ لَا يَضِلُّ رَبِّي وَلَا يَنْسَى
(موسىٰ) چيو تہ اُنھن جي خبر منھنجي رب وٽ ڪتاب ۾ آھي، منھنجو رب نڪي ڀُلندو آھي ۽ نڪي وساريندو آھي

Choose other languages: