Quran Apps in many lanuages:

Surah Sad Ayahs #47 Translated in Sindhi

وَوَهَبْنَا لَهُ أَهْلَهُ وَمِثْلَهُمْ مَعَهُمْ رَحْمَةً مِنَّا وَذِكْرَىٰ لِأُولِي الْأَلْبَابِ
۽ کيس سندس گھر وارا ۽ ساڻن اوترا (ٻيا بہ) عطا ڪياسون (ھيءَ) اسان جي طرف کان ٻاجھ ۽ ڌيان وارن لاءِ نصيحت آھي
وَخُذْ بِيَدِكَ ضِغْثًا فَاضْرِبْ بِهِ وَلَا تَحْنَثْ ۗ إِنَّا وَجَدْنَاهُ صَابِرًا ۚ نِعْمَ الْعَبْدُ ۖ إِنَّهُ أَوَّابٌ
۽ (چيوسون تہ) پنھنجي ھٿ ۾ ٻھار وٺ پوءِ اُن سان (پنھنجيءَ زال کي) ڌڪ ھڻ ۽ قسم نہ ڀڃ، بيشڪ اسان کيس صابر لڌو، (ايوب) چڱو ٻانھو ھو، اُھو (الله ڏانھن) ورڻ وارو ھو
وَاذْكُرْ عِبَادَنَا إِبْرَاهِيمَ وَإِسْحَاقَ وَيَعْقُوبَ أُولِي الْأَيْدِي وَالْأَبْصَارِ
۽ اسان جي ٻانھن ابراھيم ۽ اسحٰق ۽ يعقوب کي ياد ڪر جي ھٿن ۽ اکين وارا (يعني علم ۽ عمل وارا) ھئا
إِنَّا أَخْلَصْنَاهُمْ بِخَالِصَةٍ ذِكْرَى الدَّارِ
بيشڪ اسان کين ھڪ پاڪ عادت لاءِ نرالو ڪيو جو آخرت جو ياد ڪرڻ آھي
وَإِنَّهُمْ عِنْدَنَا لَمِنَ الْمُصْطَفَيْنَ الْأَخْيَارِ
۽ بيشڪ اُھي اسان وٽ چونڊيل ڀلارن مان ھئا

Choose other languages: