Quran Apps in many lanuages:

Surah Sad Ayahs #50 Translated in Sindhi

إِنَّا أَخْلَصْنَاهُمْ بِخَالِصَةٍ ذِكْرَى الدَّارِ
بيشڪ اسان کين ھڪ پاڪ عادت لاءِ نرالو ڪيو جو آخرت جو ياد ڪرڻ آھي
وَإِنَّهُمْ عِنْدَنَا لَمِنَ الْمُصْطَفَيْنَ الْأَخْيَارِ
۽ بيشڪ اُھي اسان وٽ چونڊيل ڀلارن مان ھئا
وَاذْكُرْ إِسْمَاعِيلَ وَالْيَسَعَ وَذَا الْكِفْلِ ۖ وَكُلٌّ مِنَ الْأَخْيَارِ
۽ اسماعيل ۽ يسع ۽ ذوالڪِفل کي ياد ڪر، ۽ ھر ھڪ نيڪن مان ھو
هَٰذَا ذِكْرٌ ۚ وَإِنَّ لِلْمُتَّقِينَ لَحُسْنَ مَآبٍ
ھيءُ (قرآن) نصيحت آھي، ۽ بيشڪ پرھيزگارن لاءِ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي
جَنَّاتِ عَدْنٍ مُفَتَّحَةً لَهُمُ الْأَبْوَابُ
(يعني) ھميشہ (رھڻ) جا باغ آھن (جن جا) دروازا انھن لاءِ کُليل آھن

Choose other languages: