Quran Apps in many lanuages:

Surah Sad Ayahs #48 Translated in Sindhi

وَخُذْ بِيَدِكَ ضِغْثًا فَاضْرِبْ بِهِ وَلَا تَحْنَثْ ۗ إِنَّا وَجَدْنَاهُ صَابِرًا ۚ نِعْمَ الْعَبْدُ ۖ إِنَّهُ أَوَّابٌ
۽ (چيوسون تہ) پنھنجي ھٿ ۾ ٻھار وٺ پوءِ اُن سان (پنھنجيءَ زال کي) ڌڪ ھڻ ۽ قسم نہ ڀڃ، بيشڪ اسان کيس صابر لڌو، (ايوب) چڱو ٻانھو ھو، اُھو (الله ڏانھن) ورڻ وارو ھو
وَاذْكُرْ عِبَادَنَا إِبْرَاهِيمَ وَإِسْحَاقَ وَيَعْقُوبَ أُولِي الْأَيْدِي وَالْأَبْصَارِ
۽ اسان جي ٻانھن ابراھيم ۽ اسحٰق ۽ يعقوب کي ياد ڪر جي ھٿن ۽ اکين وارا (يعني علم ۽ عمل وارا) ھئا
إِنَّا أَخْلَصْنَاهُمْ بِخَالِصَةٍ ذِكْرَى الدَّارِ
بيشڪ اسان کين ھڪ پاڪ عادت لاءِ نرالو ڪيو جو آخرت جو ياد ڪرڻ آھي
وَإِنَّهُمْ عِنْدَنَا لَمِنَ الْمُصْطَفَيْنَ الْأَخْيَارِ
۽ بيشڪ اُھي اسان وٽ چونڊيل ڀلارن مان ھئا
وَاذْكُرْ إِسْمَاعِيلَ وَالْيَسَعَ وَذَا الْكِفْلِ ۖ وَكُلٌّ مِنَ الْأَخْيَارِ
۽ اسماعيل ۽ يسع ۽ ذوالڪِفل کي ياد ڪر، ۽ ھر ھڪ نيڪن مان ھو

Choose other languages: