Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #68 Translated in Sindhi

وَيَا قَوْمِ هَٰذِهِ نَاقَةُ اللَّهِ لَكُمْ آيَةً فَذَرُوهَا تَأْكُلْ فِي أَرْضِ اللَّهِ وَلَا تَمَسُّوهَا بِسُوءٍ فَيَأْخُذَكُمْ عَذَابٌ قَرِيبٌ
۽ اي منھنجي قوم! ھيءَ الله جي ڏاچي اوھان لاءِ نشاني (مُعجزو) آھي پوءِ اُن کي ڇڏيو تہ الله جي زمين ۾ (جتي وڻيس اُتي) چَري ۽ ان کي ڪو ايذاءُ نہ پھچايو نہ تہ پوءِ اوھان کي ستت ئي عذاب اچي وٺندو
فَعَقَرُوهَا فَقَالَ تَمَتَّعُوا فِي دَارِكُمْ ثَلَاثَةَ أَيَّامٍ ۖ ذَٰلِكَ وَعْدٌ غَيْرُ مَكْذُوبٍ
پوءِ اُن جو کُچون ڪپي (ماري وڌائون) پوءِ (صالح) چيو تہ اوھين پنھنجن گھرن ۾ (ڇڙا) ٽي ڏينھن وسو رسو، اِھو انجام ڪوڙو نہ آھي
فَلَمَّا جَاءَ أَمْرُنَا نَجَّيْنَا صَالِحًا وَالَّذِينَ آمَنُوا مَعَهُ بِرَحْمَةٍ مِنَّا وَمِنْ خِزْيِ يَوْمِئِذٍ ۗ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ الْقَوِيُّ الْعَزِيزُ
پوءِ جنھن مھل اسان جو عذاب آيو (تنھن مھل) صالح ۽ جن ساڻس ايمان آندو ھو تن کي پنھنجيءَ ٻاجھ سان بچايوسون ۽ قيامت جي ڏينھن جي خواري کان (بہ)، تحقيق تنھنجو پالڻھار وڏو طاقت وارو (۽) غالب آھي
وَأَخَذَ الَّذِينَ ظَلَمُوا الصَّيْحَةُ فَأَصْبَحُوا فِي دِيَارِهِمْ جَاثِمِينَ
۽ (اُنھن) ظالمن کي ھڪ راڙ ورتو پوءِ صبح جو پنھنجن حويلين ۾ ڪرونڊڙا ٿي (مري) ويا
كَأَنْ لَمْ يَغْنَوْا فِيهَا ۗ أَلَا إِنَّ ثَمُودَ كَفَرُوا رَبَّهُمْ ۗ أَلَا بُعْدًا لِثَمُودَ
ڄڻ تہ انھن ۾ رھيا ئي نہ ھئا، خبردار ٿيو! ثمود (جي قوم) پنھنجي پاليندڙ جو انڪار ڪيو، خبردار ٿيو! ثمود (جي قوم) تي لعنت پئي

Choose other languages: