Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #43 Translated in Sindhi

فَسَوْفَ تَعْلَمُونَ مَنْ يَأْتِيهِ عَذَابٌ يُخْزِيهِ وَيَحِلُّ عَلَيْهِ عَذَابٌ مُقِيمٌ
پوءِ جنھن کي عذاب پھچندو تنھن کي سگھوئي ڄاڻندؤ جو (اُھو) اُن کي خوار ڪندو ۽ مٿس سدائين عذاب (پيو) لھندو
حَتَّىٰ إِذَا جَاءَ أَمْرُنَا وَفَارَ التَّنُّورُ قُلْنَا احْمِلْ فِيهَا مِنْ كُلٍّ زَوْجَيْنِ اثْنَيْنِ وَأَهْلَكَ إِلَّا مَنْ سَبَقَ عَلَيْهِ الْقَوْلُ وَمَنْ آمَنَ ۚ وَمَا آمَنَ مَعَهُ إِلَّا قَلِيلٌ
(اُنھيءَ ڪم ۾ ھو) تان جو جڏھن اسان جو حُڪم آيو ۽ تنور اُڀاميو چيوسون تہ سڀ ڪنھن جنس (جي جانورن) مان ٻہ ٻہ (نر ۽ مادي) ۽ جن بابت حڪم ٿي چڪو آھي (تہ ھلاڪ ڪبا) تن ڌاران (ٻيا) پنھنجي گھر وارا ۽ جن ايمان آندو سي منجھس چاڙھ، ۽ ٿورن کانسواءِ مٿس ايمان نہ آندو ھوائون
وَقَالَ ارْكَبُوا فِيهَا بِسْمِ اللَّهِ مَجْرَاهَا وَمُرْسَاهَا ۚ إِنَّ رَبِّي لَغَفُورٌ رَحِيمٌ
۽ (نوح) چيو تہ منجھس چڙھو، الله جي نالي سان سندس ھلڻ ۽ سندس بيھڻ آھي، ڇو تہ منھنجو پالڻھار ضرور بخشيندڙ مھربان آھي
وَهِيَ تَجْرِي بِهِمْ فِي مَوْجٍ كَالْجِبَالِ وَنَادَىٰ نُوحٌ ابْنَهُ وَكَانَ فِي مَعْزِلٍ يَا بُنَيَّ ارْكَبْ مَعَنَا وَلَا تَكُنْ مَعَ الْكَافِرِينَ
۽ اُھا جبلن جھڙين لھرين ۾ کين (کڻي) ھلڻ لڳي، ۽ نوح پنھنجي پٽ کي سڏيو ۽ اُھو ڪناري تي ھو تہ اي مُنھنجا پٽ! اسان سان چڙھ ۽ ڪافرن سان گڏ نہ ٿيءُ
قَالَ سَآوِي إِلَىٰ جَبَلٍ يَعْصِمُنِي مِنَ الْمَاءِ ۚ قَالَ لَا عَاصِمَ الْيَوْمَ مِنْ أَمْرِ اللَّهِ إِلَّا مَنْ رَحِمَ ۚ وَحَالَ بَيْنَهُمَا الْمَوْجُ فَكَانَ مِنَ الْمُغْرَقِينَ
چيائين تہ (اھڙي) جبل تي پناھ وٺندس جو مون کي پاڻيءَ کان بچائيندو، (نوح) چيو تہ اَڄ الله جي عذاب کان ڪو بچائيندڙ ڪونھي پر جنھن تي (پاڻ) رحم ڪري (سو بچي سگھندو)، ايتري ۾ ٻنھي جي وچ ۾ لھر اچي پيئي ۽ (اُھو) ٻڏلن مان ٿيو

Choose other languages: