Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #113 Translated in Sindhi

فَلَا تَكُ فِي مِرْيَةٍ مِمَّا يَعْبُدُ هَٰؤُلَاءِ ۚ مَا يَعْبُدُونَ إِلَّا كَمَا يَعْبُدُ آبَاؤُهُمْ مِنْ قَبْلُ ۚ وَإِنَّا لَمُوَفُّوهُمْ نَصِيبَهُمْ غَيْرَ مَنْقُوصٍ
تنھنڪري اِھي جيڪا پوڄا ڪندا آھن تنھن کان تون شڪ ۾ نہ رھ، جھڙو سندن پيءُ ڏاڏا اڳ پوڄيندا ھئا اُن کانسواءِ اِھي نہ پوڄيندا آھن، ۽ اسين کين اَڻ کٽ (عذاب جو) حصو پورو ڏيندڙ آھيون
وَلَقَدْ آتَيْنَا مُوسَى الْكِتَابَ فَاخْتُلِفَ فِيهِ ۚ وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِنْ رَبِّكَ لَقُضِيَ بَيْنَهُمْ ۚ وَإِنَّهُمْ لَفِي شَكٍّ مِنْهُ مُرِيبٍ
۽ بيشڪ موسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون پوءِ منجھس اختلاف پيو، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جو حڪم اڳي نہ ٿي چڪي ھا تہ سندن وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي ھا، ۽ اُھي کانئس وڏي شڪ ۾ پيل آھن
وَإِنَّ كُلًّا لَمَّا لَيُوَفِّيَنَّهُمْ رَبُّكَ أَعْمَالَهُمْ ۚ إِنَّهُ بِمَا يَعْمَلُونَ خَبِيرٌ
۽ جنھن مھل (اُٿاريا ويندا تنھن مھل) سڀ ڪنھن کي تنھنجو پالڻھار سندن اعمالن جو پورو بدلو ڏيندو، ڇو تہ جيڪي ڪندا آھن تنھن جي اُھو خبر رکندڙ آھي
فَاسْتَقِمْ كَمَا أُمِرْتَ وَمَنْ تَابَ مَعَكَ وَلَا تَطْغَوْا ۚ إِنَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ
پوءِ جيئن تو کي حُڪم ڪيو ويو آھي تيئن تون مُحڪم رھ ۽ جن تو ساڻ توبھ ڪئي (سي بہ محڪم رھن) ۽ حد کان نہ لنگھو، ڇو تہ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي
وَلَا تَرْكَنُوا إِلَى الَّذِينَ ظَلَمُوا فَتَمَسَّكُمُ النَّارُ وَمَا لَكُمْ مِنْ دُونِ اللَّهِ مِنْ أَوْلِيَاءَ ثُمَّ لَا تُنْصَرُونَ
۽ ظالمن ڏانھن لاڙو نہ ڪريو نہ تہ اوھان کي باھ لڳندي ۽ الله کان سواءِ ڪو اوھان جو دوست نہ آھي وري مدد نہ ڏبوَ

Choose other languages: