Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #115 Translated in Sindhi

وَإِنَّ كُلًّا لَمَّا لَيُوَفِّيَنَّهُمْ رَبُّكَ أَعْمَالَهُمْ ۚ إِنَّهُ بِمَا يَعْمَلُونَ خَبِيرٌ
۽ جنھن مھل (اُٿاريا ويندا تنھن مھل) سڀ ڪنھن کي تنھنجو پالڻھار سندن اعمالن جو پورو بدلو ڏيندو، ڇو تہ جيڪي ڪندا آھن تنھن جي اُھو خبر رکندڙ آھي
فَاسْتَقِمْ كَمَا أُمِرْتَ وَمَنْ تَابَ مَعَكَ وَلَا تَطْغَوْا ۚ إِنَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ
پوءِ جيئن تو کي حُڪم ڪيو ويو آھي تيئن تون مُحڪم رھ ۽ جن تو ساڻ توبھ ڪئي (سي بہ محڪم رھن) ۽ حد کان نہ لنگھو، ڇو تہ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي
وَلَا تَرْكَنُوا إِلَى الَّذِينَ ظَلَمُوا فَتَمَسَّكُمُ النَّارُ وَمَا لَكُمْ مِنْ دُونِ اللَّهِ مِنْ أَوْلِيَاءَ ثُمَّ لَا تُنْصَرُونَ
۽ ظالمن ڏانھن لاڙو نہ ڪريو نہ تہ اوھان کي باھ لڳندي ۽ الله کان سواءِ ڪو اوھان جو دوست نہ آھي وري مدد نہ ڏبوَ
وَأَقِمِ الصَّلَاةَ طَرَفَيِ النَّهَارِ وَزُلَفًا مِنَ اللَّيْلِ ۚ إِنَّ الْحَسَنَاتِ يُذْهِبْنَ السَّيِّئَاتِ ۚ ذَٰلِكَ ذِكْرَىٰ لِلذَّاكِرِينَ
۽ ڏينھن جي اڳياڙيءَ ۽ پوياڙيءَ جي وقتن ۾ ۽ ڪو وقت رات ۾ (بہ) نماز پڙھ، ڇو تہ چڱايون مداين کي نينديون آھن، نصيحت وٺندڙن لاءِ اِھا نصيحت آھي
وَاصْبِرْ فَإِنَّ اللَّهَ لَا يُضِيعُ أَجْرَ الْمُحْسِنِينَ
۽ صبر ڪر ڇو تہ الله ڀلارن جو اجر نہ وڃائيندو آھي

Choose other languages: