Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #105 Translated in Sindhi

وَمَا ظَلَمْنَاهُمْ وَلَٰكِنْ ظَلَمُوا أَنْفُسَهُمْ ۖ فَمَا أَغْنَتْ عَنْهُمْ آلِهَتُهُمُ الَّتِي يَدْعُونَ مِنْ دُونِ اللَّهِ مِنْ شَيْءٍ لَمَّا جَاءَ أَمْرُ رَبِّكَ ۖ وَمَا زَادُوهُمْ غَيْرَ تَتْبِيبٍ
۽ اسان اُنھن تي ظلم نہ ڪيو پر ھنن پاڻ تي (پاڻھين) ظلم ڪيو پوءِ جنھن مھل تنھنجي پالڻھار جو حُڪم پھتو (تنھن مھل) سندن معبودن، جن کي الله کان سواءِ سڏيندا ھئا کانئن ڪُجھ بہ نہ ٽاريو، ۽ ھلاڪيءَ کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) کين نہ وڌايائون
وَكَذَٰلِكَ أَخْذُ رَبِّكَ إِذَا أَخَذَ الْقُرَىٰ وَهِيَ ظَالِمَةٌ ۚ إِنَّ أَخْذَهُ أَلِيمٌ شَدِيدٌ
ايئن تنھنجي پالڻھار جو اُن مھل ڳوٺن (وارن) کي اُن حالت ۾ پڪڙڻ ٿيندو آھي جنھن مھل اُھي ظُلم ڪندڙ ٿيندا آھن، بيشڪ سندس پڪڙ سخت ڏکوئيندڙ آھي
إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَةً لِمَنْ خَافَ عَذَابَ الْآخِرَةِ ۚ ذَٰلِكَ يَوْمٌ مَجْمُوعٌ لَهُ النَّاسُ وَذَٰلِكَ يَوْمٌ مَشْهُودٌ
بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ اُنھيءَ لاءِ نشاني آھي جو آخرت جي عذاب کان ڊنو آھي، اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن ۾ ماڻھن کي ميڙبو ۽ اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن ۾ (سڀ) حاضر ٿيندا
وَمَا نُؤَخِّرُهُ إِلَّا لِأَجَلٍ مَعْدُودٍ
۽ ٿورڙي مدت کانسواءِ ان کي نہ ٿا پٺتي ڪريون
يَوْمَ يَأْتِ لَا تَكَلَّمُ نَفْسٌ إِلَّا بِإِذْنِهِ ۚ فَمِنْهُمْ شَقِيٌّ وَسَعِيدٌ
جنھن ڏينھن (اُھو) ايندو تہ ڪو ماڻھو اُن (الله) جي موڪل کانسواءِ نہ ڳالھائيندو، پوءِ اُنھن مان ڪي بدبخت ۽ ڪي نيڪ بخت ھوندا

Choose other languages: