Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #83 Translated in Sindhi

اللَّهُ الَّذِي جَعَلَ لَكُمُ الْأَنْعَامَ لِتَرْكَبُوا مِنْهَا وَمِنْهَا تَأْكُلُونَ
الله اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ ڍور پيدا ڪيا تہ اُنھن مان ڪن تي چڙھو ۽ منجھانئن ڪي کائيندا آھيو
وَلَكُمْ فِيهَا مَنَافِعُ وَلِتَبْلُغُوا عَلَيْهَا حَاجَةً فِي صُدُورِكُمْ وَعَلَيْهَا وَعَلَى الْفُلْكِ تُحْمَلُونَ
۽ منجھن اوھان لاءِ گھڻا فائدا آھن ۽ تہ مٿن چڙھي اُنھيءَ مطلب کي، جو اوھان جي دلين ۾ آھي، سو پورو ڪريو ۽ مٿن ۽ ٻيڙين تي اوھان کي چاڙھبو آھي
وَيُرِيكُمْ آيَاتِهِ فَأَيَّ آيَاتِ اللَّهِ تُنْكِرُونَ
۽ (الله) اوھان کي پنھنجيون نشانيون ڏيکاريندو آھي، پوءِ الله جي ڪھڙين (ڪھڙين) نشانين کان انڪار ڪندؤ
أَفَلَمْ يَسِيرُوا فِي الْأَرْضِ فَيَنْظُرُوا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِينَ مِنْ قَبْلِهِمْ ۚ كَانُوا أَكْثَرَ مِنْهُمْ وَأَشَدَّ قُوَّةً وَآثَارًا فِي الْأَرْضِ فَمَا أَغْنَىٰ عَنْهُمْ مَا كَانُوا يَكْسِبُونَ
پوءِ زمين ۾ نہ گھميا آھن ڇا؟ جو نھارين تہ جيڪي کانئن اڳ ھئا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ (جو) کانئن گھڻا ھئا ۽ سگھ ۾ ۽ زمين تي نشانين (جي ڇڏڻ) ۾ تمام ڏاڍا ھئا، پوءِ جيڪي (ڪرتوت) ڪيائون تن کائن ڪجھ بہ نہ ٽاريو
فَلَمَّا جَاءَتْهُمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنَاتِ فَرِحُوا بِمَا عِنْدَهُمْ مِنَ الْعِلْمِ وَحَاقَ بِهِمْ مَا كَانُوا بِهِ يَسْتَهْزِئُونَ
پوءِ جنھن مھل سندن پيغمبر مُعجزن سان وٽن آيا (تنھن مھل) جيڪا (گذران جي) ڄاڻپ وٽن ھئي، تنھن سببان خوش ٿيا ۽ جنھن (ڳالھ) تي ٺـٺوليون ڪندا ھئا، تنھن (جي بڇڙائيءَ) کين ويڙھيو

Choose other languages: