Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #85 Translated in Sindhi

وَيُرِيكُمْ آيَاتِهِ فَأَيَّ آيَاتِ اللَّهِ تُنْكِرُونَ
۽ (الله) اوھان کي پنھنجيون نشانيون ڏيکاريندو آھي، پوءِ الله جي ڪھڙين (ڪھڙين) نشانين کان انڪار ڪندؤ
أَفَلَمْ يَسِيرُوا فِي الْأَرْضِ فَيَنْظُرُوا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِينَ مِنْ قَبْلِهِمْ ۚ كَانُوا أَكْثَرَ مِنْهُمْ وَأَشَدَّ قُوَّةً وَآثَارًا فِي الْأَرْضِ فَمَا أَغْنَىٰ عَنْهُمْ مَا كَانُوا يَكْسِبُونَ
پوءِ زمين ۾ نہ گھميا آھن ڇا؟ جو نھارين تہ جيڪي کانئن اڳ ھئا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ (جو) کانئن گھڻا ھئا ۽ سگھ ۾ ۽ زمين تي نشانين (جي ڇڏڻ) ۾ تمام ڏاڍا ھئا، پوءِ جيڪي (ڪرتوت) ڪيائون تن کائن ڪجھ بہ نہ ٽاريو
فَلَمَّا جَاءَتْهُمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنَاتِ فَرِحُوا بِمَا عِنْدَهُمْ مِنَ الْعِلْمِ وَحَاقَ بِهِمْ مَا كَانُوا بِهِ يَسْتَهْزِئُونَ
پوءِ جنھن مھل سندن پيغمبر مُعجزن سان وٽن آيا (تنھن مھل) جيڪا (گذران جي) ڄاڻپ وٽن ھئي، تنھن سببان خوش ٿيا ۽ جنھن (ڳالھ) تي ٺـٺوليون ڪندا ھئا، تنھن (جي بڇڙائيءَ) کين ويڙھيو
فَلَمَّا رَأَوْا بَأْسَنَا قَالُوا آمَنَّا بِاللَّهِ وَحْدَهُ وَكَفَرْنَا بِمَا كُنَّا بِهِ مُشْرِكِينَ
پوءِ جنھن مھل اسان جو عذاب ڏٺائون (تنھن مھل) چيائون تہ اڪيلي الله تي ايمان آندوسون ۽ جنھن شئي کي (ساڻس) شريڪ مقرر ڪندا ھئاسون تنھنجا منڪر ٿياسون
فَلَمْ يَكُ يَنْفَعُهُمْ إِيمَانُهُمْ لَمَّا رَأَوْا بَأْسَنَا ۖ سُنَّتَ اللَّهِ الَّتِي قَدْ خَلَتْ فِي عِبَادِهِ ۖ وَخَسِرَ هُنَالِكَ الْكَافِرُونَ
پوءِ جڏھن اسان جو عذاب ڏٺائون (تڏھن) سندن ايمان آڻڻ کين فائدو ڪڏھن نہ ڏنو، (اھو) الله جو دستور آھي جو سندس ٻانھن ۾ ھليو ايندو آھي، اُن ھنڌ ڪافر ٽوٽي وارا ٿيا

Choose other languages: