Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #47 Translated in Sindhi

لَا جَرَمَ أَنَّمَا تَدْعُونَنِي إِلَيْهِ لَيْسَ لَهُ دَعْوَةٌ فِي الدُّنْيَا وَلَا فِي الْآخِرَةِ وَأَنَّ مَرَدَّنَا إِلَى اللَّهِ وَأَنَّ الْمُسْرِفِينَ هُمْ أَصْحَابُ النَّارِ
بلاشڪ اوھين مون کي اُنھيءَ ڏانھن سڏيو ٿا، جنھن کي دنيا ۽ آخرت ۾ سڏڻ جو ڪو حق نہ آھي ۽ بيشڪ اسان جو موٽڻ الله ڏانھن آھي ۽ بيشڪ حد کان لنگھندڙ ئي دوزخي آھن
فَسَتَذْكُرُونَ مَا أَقُولُ لَكُمْ ۚ وَأُفَوِّضُ أَمْرِي إِلَى اللَّهِ ۚ إِنَّ اللَّهَ بَصِيرٌ بِالْعِبَادِ
پوءِ جيڪي اوھان کي چوان ٿو، سو سگھو ياد ڪندؤ، ۽ (آءٌ) پنھنجو ڪم الله کي سونپيان ٿو، ڇو تہ الله ٻانھن (جي حال) کي ڏسندڙ آھي
فَوَقَاهُ اللَّهُ سَيِّئَاتِ مَا مَكَرُوا ۖ وَحَاقَ بِآلِ فِرْعَوْنَ سُوءُ الْعَذَابِ
پوءِ جيڪي ڦند سٽيائون تن جي بڇڙائيءَ کان الله کيس بچايو ۽ فرعون جي ماڻھن کي بڇڙي عذاب ويڙھيو
النَّارُ يُعْرَضُونَ عَلَيْهَا غُدُوًّا وَعَشِيًّا ۖ وَيَوْمَ تَقُومُ السَّاعَةُ أَدْخِلُوا آلَ فِرْعَوْنَ أَشَدَّ الْعَذَابِ
جا باھ آھي، جنھن تي صبح ۽ سانجھيءَ جو کين حاضر ڪبو آھي، ۽ جنھن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي، (تنھن ڏينھن حُڪم ڪبو تہ) فرعونين کي سخت عذاب ۾ گھيڙيو
وَإِذْ يَتَحَاجُّونَ فِي النَّارِ فَيَقُولُ الضُّعَفَاءُ لِلَّذِينَ اسْتَكْبَرُوا إِنَّا كُنَّا لَكُمْ تَبَعًا فَهَلْ أَنْتُمْ مُغْنُونَ عَنَّا نَصِيبًا مِنَ النَّارِ
۽ (ياد ڪر) جڏھن باھ ۾ ھڪ ٻئي سان جھڳڙو ڪندا (تڏھن) ھيڻا ھٺيلن کي چوندا تہ بيشڪ اسين اوھان جا تابعدار ھئاسون، تنھنڪري باھ (جي عذاب) مان ڪو حصو اوھين اسان کان ٽارڻ وارا آھيو (يا نہ) ؟

Choose other languages: