Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #49 Translated in Sindhi

فَوَقَاهُ اللَّهُ سَيِّئَاتِ مَا مَكَرُوا ۖ وَحَاقَ بِآلِ فِرْعَوْنَ سُوءُ الْعَذَابِ
پوءِ جيڪي ڦند سٽيائون تن جي بڇڙائيءَ کان الله کيس بچايو ۽ فرعون جي ماڻھن کي بڇڙي عذاب ويڙھيو
النَّارُ يُعْرَضُونَ عَلَيْهَا غُدُوًّا وَعَشِيًّا ۖ وَيَوْمَ تَقُومُ السَّاعَةُ أَدْخِلُوا آلَ فِرْعَوْنَ أَشَدَّ الْعَذَابِ
جا باھ آھي، جنھن تي صبح ۽ سانجھيءَ جو کين حاضر ڪبو آھي، ۽ جنھن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي، (تنھن ڏينھن حُڪم ڪبو تہ) فرعونين کي سخت عذاب ۾ گھيڙيو
وَإِذْ يَتَحَاجُّونَ فِي النَّارِ فَيَقُولُ الضُّعَفَاءُ لِلَّذِينَ اسْتَكْبَرُوا إِنَّا كُنَّا لَكُمْ تَبَعًا فَهَلْ أَنْتُمْ مُغْنُونَ عَنَّا نَصِيبًا مِنَ النَّارِ
۽ (ياد ڪر) جڏھن باھ ۾ ھڪ ٻئي سان جھڳڙو ڪندا (تڏھن) ھيڻا ھٺيلن کي چوندا تہ بيشڪ اسين اوھان جا تابعدار ھئاسون، تنھنڪري باھ (جي عذاب) مان ڪو حصو اوھين اسان کان ٽارڻ وارا آھيو (يا نہ) ؟
قَالَ الَّذِينَ اسْتَكْبَرُوا إِنَّا كُلٌّ فِيهَا إِنَّ اللَّهَ قَدْ حَكَمَ بَيْنَ الْعِبَادِ
ھٺيلا چوندا تہ بيشڪ اسين (پاڻ) سڀ منجھس (پيل) آھيون، ڇو تہ الله ٻانھن جي وچ ۾ نبيرو ڪري چڪو آھي
وَقَالَ الَّذِينَ فِي النَّارِ لِخَزَنَةِ جَهَنَّمَ ادْعُوا رَبَّكُمْ يُخَفِّفْ عَنَّا يَوْمًا مِنَ الْعَذَابِ
۽ دوزخي دوزخ جي داروغن کي چوندا تہ اوھين پنھنجي پالڻھار کي عرض ڪريو تہ اسان کان ھڪڙو ڏينھن ڪجھ عذاب ھلڪو ڪري

Choose other languages: