Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #40 Translated in Sindhi

وَقَالَ فِرْعَوْنُ يَا هَامَانُ ابْنِ لِي صَرْحًا لَعَلِّي أَبْلُغُ الْأَسْبَابَ
۽ فرعون چيو تہ، اي ھامان! مون لاءِ ھڪ ماڙي بڻاءِ تہ، منَ (انھن) واٽن سان پھچان
أَسْبَابَ السَّمَاوَاتِ فَأَطَّلِعَ إِلَىٰ إِلَٰهِ مُوسَىٰ وَإِنِّي لَأَظُنُّهُ كَاذِبًا ۚ وَكَذَٰلِكَ زُيِّنَ لِفِرْعَوْنَ سُوءُ عَمَلِهِ وَصُدَّ عَنِ السَّبِيلِ ۚ وَمَا كَيْدُ فِرْعَوْنَ إِلَّا فِي تَبَابٍ
آسمانن جي واٽن کي، تہ موسىٰ جي معبُود ڏانھن نھاريان ۽ بيشڪ آءٌ کيس ڪوڙو ڀائيندو آھيان ۽ اھڙيءَ طرح فرعون کي سندس بڇڙو ڪم چڱو ڪري ڏيکاريو ويو ۽ سڌيءَ واٽ کان جھليو ويو ۽ فرعون جو فريب رُڳو تباھيءَ ۾ ھو
وَقَالَ الَّذِي آمَنَ يَا قَوْمِ اتَّبِعُونِ أَهْدِكُمْ سَبِيلَ الرَّشَادِ
۽ جنھن ايمان آندو ھو، تنھن چيو تہ، اي منھنجي قوم! منھنجي تابعداري ڪريو تہ (آءٌ) اوھان کي سڌي رستي لايان
يَا قَوْمِ إِنَّمَا هَٰذِهِ الْحَيَاةُ الدُّنْيَا مَتَاعٌ وَإِنَّ الْآخِرَةَ هِيَ دَارُ الْقَرَارِ
اي منھنجي قوم! ھيءَ دنيا جي حياتي (ٿوري) سامان کانسواءِ (ٻيو) ڪجھ نہ آھي، ۽ بيشڪ آخرت ئي سدائين رھڻ جو ھنڌ آھي
مَنْ عَمِلَ سَيِّئَةً فَلَا يُجْزَىٰ إِلَّا مِثْلَهَا ۖ وَمَنْ عَمِلَ صَالِحًا مِنْ ذَكَرٍ أَوْ أُنْثَىٰ وَهُوَ مُؤْمِنٌ فَأُولَٰئِكَ يَدْخُلُونَ الْجَنَّةَ يُرْزَقُونَ فِيهَا بِغَيْرِ حِسَابٍ
جنھن برو ڪم ڪيو، تنھن کي رڳو اُھڙو بدلو ڏبو، ۽ جنھن چڱو ڪم ڪيو خواھ مرد ھجي خواھ عورت ۽ اُھو مؤمن (بہ) ھجي تہ اُھي بھشت ۾ گھڙندا، منجھس اڻ ڳڻي روزي ڏبن

Choose other languages: