Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #34 Translated in Sindhi

وَقَالَ الَّذِي آمَنَ يَا قَوْمِ إِنِّي أَخَافُ عَلَيْكُمْ مِثْلَ يَوْمِ الْأَحْزَابِ
۽ جنھن ايمان آندو ھو، تنھن چيو تہ اي منھنجي قوم! بيشڪ آءٌ اوھان تي اڳين ٽولين جھڙي (عذاب جي) ڏينھن (اچڻ) کان ڊڄان ٿو
مِثْلَ دَأْبِ قَوْمِ نُوحٍ وَعَادٍ وَثَمُودَ وَالَّذِينَ مِنْ بَعْدِهِمْ ۚ وَمَا اللَّهُ يُرِيدُ ظُلْمًا لِلْعِبَادِ
جھڙو حال نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ جيڪي کانئن پوءِ ھئا، تن جو (ٿيو ھو تھڙو متان توھان جو بہ ٿئي) ۽ الله ٻانھن تي ظلم ڪرڻ نہ گھرندو آھي
وَيَا قَوْمِ إِنِّي أَخَافُ عَلَيْكُمْ يَوْمَ التَّنَادِ
۽ اي منھنجي قوم! بيشڪ آءٌ اوھان تي ھڪ ٻئي کي سڏڻ جي (اُنھيءَ) ڏينھن (اچڻ) کان ڊڄان ٿو
يَوْمَ تُوَلُّونَ مُدْبِرِينَ مَا لَكُمْ مِنَ اللَّهِ مِنْ عَاصِمٍ ۗ وَمَنْ يُضْلِلِ اللَّهُ فَمَا لَهُ مِنْ هَادٍ
جنھن ڏينھن اوھين پٺيرا ٿي ڀڄندؤ، الله کان اوھان کي ڪو بچائڻ وارو نہ ھوندو ۽ جنھن کي الله ڀُلائي ڇڏي تنھن کي ڪو (سِڌو) رستو ڏيکارڻ وارو ڪونھي
وَلَقَدْ جَاءَكُمْ يُوسُفُ مِنْ قَبْلُ بِالْبَيِّنَاتِ فَمَا زِلْتُمْ فِي شَكٍّ مِمَّا جَاءَكُمْ بِهِ ۖ حَتَّىٰ إِذَا هَلَكَ قُلْتُمْ لَنْ يَبْعَثَ اللَّهُ مِنْ بَعْدِهِ رَسُولًا ۚ كَذَٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ مَنْ هُوَ مُسْرِفٌ مُرْتَابٌ
۽ بيشڪ ھن کان اڳ اوھان وٽ يوسف مُعجزن سان آيو ھو، پوءِ جيڪي اوھان وٽ آندائين، تنھن کان (اوھين) ھميشہ شڪ ۾ ھئو، تان جو جڏھن مُئو (تڏھن) چيوَ تہ اُن کان پوءِ (ٻيو) ڪو پيغمبر الله نہ موڪليندو، اھڙي طرح جيڪو حد کان لنگھندڙ شڪ ڪندڙ آھي، تنھن کي الله ڀُلائيندو آھي

Choose other languages: