Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #35 Translated in Sindhi

مِثْلَ دَأْبِ قَوْمِ نُوحٍ وَعَادٍ وَثَمُودَ وَالَّذِينَ مِنْ بَعْدِهِمْ ۚ وَمَا اللَّهُ يُرِيدُ ظُلْمًا لِلْعِبَادِ
جھڙو حال نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ جيڪي کانئن پوءِ ھئا، تن جو (ٿيو ھو تھڙو متان توھان جو بہ ٿئي) ۽ الله ٻانھن تي ظلم ڪرڻ نہ گھرندو آھي
وَيَا قَوْمِ إِنِّي أَخَافُ عَلَيْكُمْ يَوْمَ التَّنَادِ
۽ اي منھنجي قوم! بيشڪ آءٌ اوھان تي ھڪ ٻئي کي سڏڻ جي (اُنھيءَ) ڏينھن (اچڻ) کان ڊڄان ٿو
يَوْمَ تُوَلُّونَ مُدْبِرِينَ مَا لَكُمْ مِنَ اللَّهِ مِنْ عَاصِمٍ ۗ وَمَنْ يُضْلِلِ اللَّهُ فَمَا لَهُ مِنْ هَادٍ
جنھن ڏينھن اوھين پٺيرا ٿي ڀڄندؤ، الله کان اوھان کي ڪو بچائڻ وارو نہ ھوندو ۽ جنھن کي الله ڀُلائي ڇڏي تنھن کي ڪو (سِڌو) رستو ڏيکارڻ وارو ڪونھي
وَلَقَدْ جَاءَكُمْ يُوسُفُ مِنْ قَبْلُ بِالْبَيِّنَاتِ فَمَا زِلْتُمْ فِي شَكٍّ مِمَّا جَاءَكُمْ بِهِ ۖ حَتَّىٰ إِذَا هَلَكَ قُلْتُمْ لَنْ يَبْعَثَ اللَّهُ مِنْ بَعْدِهِ رَسُولًا ۚ كَذَٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ مَنْ هُوَ مُسْرِفٌ مُرْتَابٌ
۽ بيشڪ ھن کان اڳ اوھان وٽ يوسف مُعجزن سان آيو ھو، پوءِ جيڪي اوھان وٽ آندائين، تنھن کان (اوھين) ھميشہ شڪ ۾ ھئو، تان جو جڏھن مُئو (تڏھن) چيوَ تہ اُن کان پوءِ (ٻيو) ڪو پيغمبر الله نہ موڪليندو، اھڙي طرح جيڪو حد کان لنگھندڙ شڪ ڪندڙ آھي، تنھن کي الله ڀُلائيندو آھي
الَّذِينَ يُجَادِلُونَ فِي آيَاتِ اللَّهِ بِغَيْرِ سُلْطَانٍ أَتَاهُمْ ۖ كَبُرَ مَقْتًا عِنْدَ اللَّهِ وَعِنْدَ الَّذِينَ آمَنُوا ۚ كَذَٰلِكَ يَطْبَعُ اللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ قَلْبِ مُتَكَبِّرٍ جَبَّارٍ
اُنھن کي (ڀُلائيندو آھي) جيڪي الله جي نشانين بابت اھڙيءَ حجت کان سواءِ، جا وٽن آئي ھجي جھڳڙو ڪندا آھن، (اھو سندن جھڳڙو ڪرڻ) الله وٽ ۽ مُؤمنن وٽ وڏي غضب جھڙي ڳالھ آھي، اھڙيءَ طرح الله سڀڪنھن وڏائي ڪندڙ ھٺيلي جي دل تي مُھر ھڻندو آھي

Choose other languages: