Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nur Ayahs #10 Translated in Sindhi

وَالَّذِينَ يَرْمُونَ أَزْوَاجَهُمْ وَلَمْ يَكُنْ لَهُمْ شُهَدَاءُ إِلَّا أَنْفُسُهُمْ فَشَهَادَةُ أَحَدِهِمْ أَرْبَعُ شَهَادَاتٍ بِاللَّهِ ۙ إِنَّهُ لَمِنَ الصَّادِقِينَ
۽ جيڪي پنھنجي زالن کي تُھمت لائين ۽ کين پاڻ کانسواءِ ڪي شاھد نہ ھجن تہ اھڙي ھر ھڪ جي (سچي) شاھدي چار ڀيرا (ھيئڻ ڏيڻ) آھي تہ الله جو قسم تہ بيشڪ پاڻ سچ چوندڙن مان آھي
وَالْخَامِسَةُ أَنَّ لَعْنَتَ اللَّهِ عَلَيْهِ إِنْ كَانَ مِنَ الْكَاذِبِينَ
۽ پنجون ڀيرو چوي تہ جيڪڏھن ڪوڙن مان ھوندو تہ مٿس الله جي لعنت ھجي
وَيَدْرَأُ عَنْهَا الْعَذَابَ أَنْ تَشْهَدَ أَرْبَعَ شَهَادَاتٍ بِاللَّهِ ۙ إِنَّهُ لَمِنَ الْكَاذِبِينَ
۽ اُن زال کان (ھيءَ ڳالھ) سزا ٽاريندي جو چار ڀيرا شاھدي ڏئي تہ الله جو قسم تہ بيشڪ اُھو مُڙس ڪُوڙ چوندڙن مان آھي
وَالْخَامِسَةَ أَنَّ غَضَبَ اللَّهِ عَلَيْهَا إِنْ كَانَ مِنَ الصَّادِقِينَ
۽ پنجون ڀيرو (ھيءَ شاھدي ڏئي) تہ جيڪڏھن اُھو مڙس سچن مان آھي تہ اُن (يعني زال) تي الله جو ڏمر ھُجي
وَلَوْلَا فَضْلُ اللَّهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهُ وَأَنَّ اللَّهَ تَوَّابٌ حَكِيمٌ
۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نہ ھجي ھا (تہ عذاب ٿئيوَ ھا) ۽ بيشڪ الله توبھ قبول ڪندڙ حِڪمت وارو آھي

Choose other languages: