Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nur Ayahs #11 Translated in Sindhi

وَالْخَامِسَةُ أَنَّ لَعْنَتَ اللَّهِ عَلَيْهِ إِنْ كَانَ مِنَ الْكَاذِبِينَ
۽ پنجون ڀيرو چوي تہ جيڪڏھن ڪوڙن مان ھوندو تہ مٿس الله جي لعنت ھجي
وَيَدْرَأُ عَنْهَا الْعَذَابَ أَنْ تَشْهَدَ أَرْبَعَ شَهَادَاتٍ بِاللَّهِ ۙ إِنَّهُ لَمِنَ الْكَاذِبِينَ
۽ اُن زال کان (ھيءَ ڳالھ) سزا ٽاريندي جو چار ڀيرا شاھدي ڏئي تہ الله جو قسم تہ بيشڪ اُھو مُڙس ڪُوڙ چوندڙن مان آھي
وَالْخَامِسَةَ أَنَّ غَضَبَ اللَّهِ عَلَيْهَا إِنْ كَانَ مِنَ الصَّادِقِينَ
۽ پنجون ڀيرو (ھيءَ شاھدي ڏئي) تہ جيڪڏھن اُھو مڙس سچن مان آھي تہ اُن (يعني زال) تي الله جو ڏمر ھُجي
وَلَوْلَا فَضْلُ اللَّهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهُ وَأَنَّ اللَّهَ تَوَّابٌ حَكِيمٌ
۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نہ ھجي ھا (تہ عذاب ٿئيوَ ھا) ۽ بيشڪ الله توبھ قبول ڪندڙ حِڪمت وارو آھي
إِنَّ الَّذِينَ جَاءُوا بِالْإِفْكِ عُصْبَةٌ مِنْكُمْ ۚ لَا تَحْسَبُوهُ شَرًّا لَكُمْ ۖ بَلْ هُوَ خَيْرٌ لَكُمْ ۚ لِكُلِّ امْرِئٍ مِنْهُمْ مَا اكْتَسَبَ مِنَ الْإِثْمِ ۚ وَالَّذِي تَوَلَّىٰ كِبْرَهُ مِنْهُمْ لَهُ عَذَابٌ عَظِيمٌ
بيشڪ جن ڪُوڙو بُھتان آندو سي اوھان مان ھڪ ٽولي آھن، (اوھين) اُن (بُھتان) کي نہ ڀانيو تہ اوھان لاءِ (ڪو) خراب آھي، بلڪ اُھو اوھان لاءِ ڀلو آھي، منجھائن سڀڪنھن ماڻھوءَ گناھن مان جيڪي ڪمايو سو، سندس لاءِ آھي، ۽ منجھائن جنھن بھتان جو وڏو لُڙ مچايو تنھن لاءِ وڏو عذاب آھي

Choose other languages: