Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nur Ayahs #52 Translated in Sindhi

وَإِذَا دُعُوا إِلَى اللَّهِ وَرَسُولِهِ لِيَحْكُمَ بَيْنَهُمْ إِذَا فَرِيقٌ مِنْهُمْ مُعْرِضُونَ
۽ جڏھن الله ۽ سندس پيغمبر ڏانھن سڏبا آھن تہ سندن وچ ۾ (پيغمبر) نبيرو ڪري (تڏھن) اُمالڪ منجھانئن ھڪ ٽولي منھن موڙيندڙ آھي
وَإِنْ يَكُنْ لَهُمُ الْحَقُّ يَأْتُوا إِلَيْهِ مُذْعِنِينَ
۽ جيڪڏھن (ڪنھن تي) سندن حق ھوندو آھي تہ پيغمبر ڏانھن ڪنڌ نوائي ايندا آھن
أَفِي قُلُوبِهِمْ مَرَضٌ أَمِ ارْتَابُوا أَمْ يَخَافُونَ أَنْ يَحِيفَ اللَّهُ عَلَيْهِمْ وَرَسُولُهُ ۚ بَلْ أُولَٰئِكَ هُمُ الظَّالِمُونَ
سندين دلين ۾ بيماري آھي ڇا يا شڪ ۾ پيا آھن يا ڊڄندا آھن تہ الله ۽ سندس پيغمبر مٿن ظلم ڪندو؟ (نہ!) بلڪ اُھي پاڻ بي انصاف آھن
إِنَّمَا كَانَ قَوْلَ الْمُؤْمِنِينَ إِذَا دُعُوا إِلَى اللَّهِ وَرَسُولِهِ لِيَحْكُمَ بَيْنَهُمْ أَنْ يَقُولُوا سَمِعْنَا وَأَطَعْنَا ۚ وَأُولَٰئِكَ هُمُ الْمُفْلِحُونَ
جڏھن مؤمنن کي الله ۽ سندس پيغمبر ڏانھن سڏبو آھي تہ (پيغمبر) سندن وچ ۾ نبيرو ڪري تڏھن انھن جو چوڻ رڳو ھيءُ ھوندو آھي تہ ٻڌوسون ۽ حُڪم مڃيوسون، ۽ اِھي ڇٽل آھن
وَمَنْ يُطِعِ اللَّهَ وَرَسُولَهُ وَيَخْشَ اللَّهَ وَيَتَّقْهِ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الْفَائِزُونَ
۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيندو ۽ الله کان ڊڄندو ۽ اُن (جي نافرمانيءَ) کان بچندو، (تہ) پوءِ اِھي ئي مراد ماڻيندڙ آھن

Choose other languages: