Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nur Ayahs #27 Translated in Sindhi

إِنَّ الَّذِينَ يَرْمُونَ الْمُحْصَنَاتِ الْغَافِلَاتِ الْمُؤْمِنَاتِ لُعِنُوا فِي الدُّنْيَا وَالْآخِرَةِ وَلَهُمْ عَذَابٌ عَظِيمٌ
بيشڪ جيڪي (ماڻھو) پاڪدامن بيخبر مؤمنياڻن کي تُھمت لائيندا آھن تن تي دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت آھي، ۽ اُنھن لاءِ (اُنھي ڏينھن) وڏو عذاب آھي
يَوْمَ تَشْهَدُ عَلَيْهِمْ أَلْسِنَتُهُمْ وَأَيْدِيهِمْ وَأَرْجُلُهُمْ بِمَا كَانُوا يَعْمَلُونَ
اُنھن جيڪي ڪمايو ھو تنھن بابت سندن زبانون ۽ سندن ھٿ ۽ سندن پير جنھن ڏينھن مٿن شاھدي ڏيندا
يَوْمَئِذٍ يُوَفِّيهِمُ اللَّهُ دِينَهُمُ الْحَقَّ وَيَعْلَمُونَ أَنَّ اللَّهَ هُوَ الْحَقُّ الْمُبِينُ
اُن ڏينھن الله کين انصاف سان سندن بدلو پُورو ڏيندو ۽ (اھو) ڄاڻندا تہ الله ئي سچو پڌري ڪرڻ وارو آھي
الْخَبِيثَاتُ لِلْخَبِيثِينَ وَالْخَبِيثُونَ لِلْخَبِيثَاتِ ۖ وَالطَّيِّبَاتُ لِلطَّيِّبِينَ وَالطَّيِّبُونَ لِلطَّيِّبَاتِ ۚ أُولَٰئِكَ مُبَرَّءُونَ مِمَّا يَقُولُونَ ۖ لَهُمْ مَغْفِرَةٌ وَرِزْقٌ كَرِيمٌ
پليت زالون پليت مردن لاءِ (لائق) آھن ۽ پليت مرد پليت زالن لاءِ (لائق) آھن، ۽ پاڪ زالون پاڪ مردن لاءِ (لائق) آھن ۽ پاڪ مرد پاڪ زالن لاءِ (لائق) آھن، (انھن جي بنسبت ماڻھو) جيڪي چوندا آھن تنھن (ڳالھ) کان اُھي پاڪ آھن، انھن لاءِ بخشش ۽ سڳوري روزي آھي
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تَدْخُلُوا بُيُوتًا غَيْرَ بُيُوتِكُمْ حَتَّىٰ تَسْتَأْنِسُوا وَتُسَلِّمُوا عَلَىٰ أَهْلِهَا ۚ ذَٰلِكُمْ خَيْرٌ لَكُمْ لَعَلَّكُمْ تَذَكَّرُونَ
اي ايمان وارؤ! پنھنجن گھرن کانسواءِ ٻـين (ماڻھن جي) گھرن ۾ (ايسين) نہ گھڙو جيسين (نہ) موڪلايو ۽ اُن جي رھڻ وارن تي سلام (نہ) ڏيو، اِھو اوھان لاءِ چڱو آھي منَ اوھين نصيحت وٺو

Choose other languages: