Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nur Ayahs #28 Translated in Sindhi

يَوْمَ تَشْهَدُ عَلَيْهِمْ أَلْسِنَتُهُمْ وَأَيْدِيهِمْ وَأَرْجُلُهُمْ بِمَا كَانُوا يَعْمَلُونَ
اُنھن جيڪي ڪمايو ھو تنھن بابت سندن زبانون ۽ سندن ھٿ ۽ سندن پير جنھن ڏينھن مٿن شاھدي ڏيندا
يَوْمَئِذٍ يُوَفِّيهِمُ اللَّهُ دِينَهُمُ الْحَقَّ وَيَعْلَمُونَ أَنَّ اللَّهَ هُوَ الْحَقُّ الْمُبِينُ
اُن ڏينھن الله کين انصاف سان سندن بدلو پُورو ڏيندو ۽ (اھو) ڄاڻندا تہ الله ئي سچو پڌري ڪرڻ وارو آھي
الْخَبِيثَاتُ لِلْخَبِيثِينَ وَالْخَبِيثُونَ لِلْخَبِيثَاتِ ۖ وَالطَّيِّبَاتُ لِلطَّيِّبِينَ وَالطَّيِّبُونَ لِلطَّيِّبَاتِ ۚ أُولَٰئِكَ مُبَرَّءُونَ مِمَّا يَقُولُونَ ۖ لَهُمْ مَغْفِرَةٌ وَرِزْقٌ كَرِيمٌ
پليت زالون پليت مردن لاءِ (لائق) آھن ۽ پليت مرد پليت زالن لاءِ (لائق) آھن، ۽ پاڪ زالون پاڪ مردن لاءِ (لائق) آھن ۽ پاڪ مرد پاڪ زالن لاءِ (لائق) آھن، (انھن جي بنسبت ماڻھو) جيڪي چوندا آھن تنھن (ڳالھ) کان اُھي پاڪ آھن، انھن لاءِ بخشش ۽ سڳوري روزي آھي
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تَدْخُلُوا بُيُوتًا غَيْرَ بُيُوتِكُمْ حَتَّىٰ تَسْتَأْنِسُوا وَتُسَلِّمُوا عَلَىٰ أَهْلِهَا ۚ ذَٰلِكُمْ خَيْرٌ لَكُمْ لَعَلَّكُمْ تَذَكَّرُونَ
اي ايمان وارؤ! پنھنجن گھرن کانسواءِ ٻـين (ماڻھن جي) گھرن ۾ (ايسين) نہ گھڙو جيسين (نہ) موڪلايو ۽ اُن جي رھڻ وارن تي سلام (نہ) ڏيو، اِھو اوھان لاءِ چڱو آھي منَ اوھين نصيحت وٺو
فَإِنْ لَمْ تَجِدُوا فِيهَا أَحَدًا فَلَا تَدْخُلُوهَا حَتَّىٰ يُؤْذَنَ لَكُمْ ۖ وَإِنْ قِيلَ لَكُمُ ارْجِعُوا فَارْجِعُوا ۖ هُوَ أَزْكَىٰ لَكُمْ ۚ وَاللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ عَلِيمٌ
پوءِ جيڪڏھن منجھس ڪنھن کي نہ ڏسو تہ اُن ۾ (ايسين) نہ گھڙو، جيسين اوھان کي موڪل (نہ) ڏجي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي چئجي تہ موٽو تہ موٽي وڃو، اِھو اوھان لاءِ تمام سٺو آھي، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو، سو الله ڄاڻندڙ آھي

Choose other languages: