Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nur Ayahs #15 Translated in Sindhi

إِنَّ الَّذِينَ جَاءُوا بِالْإِفْكِ عُصْبَةٌ مِنْكُمْ ۚ لَا تَحْسَبُوهُ شَرًّا لَكُمْ ۖ بَلْ هُوَ خَيْرٌ لَكُمْ ۚ لِكُلِّ امْرِئٍ مِنْهُمْ مَا اكْتَسَبَ مِنَ الْإِثْمِ ۚ وَالَّذِي تَوَلَّىٰ كِبْرَهُ مِنْهُمْ لَهُ عَذَابٌ عَظِيمٌ
بيشڪ جن ڪُوڙو بُھتان آندو سي اوھان مان ھڪ ٽولي آھن، (اوھين) اُن (بُھتان) کي نہ ڀانيو تہ اوھان لاءِ (ڪو) خراب آھي، بلڪ اُھو اوھان لاءِ ڀلو آھي، منجھائن سڀڪنھن ماڻھوءَ گناھن مان جيڪي ڪمايو سو، سندس لاءِ آھي، ۽ منجھائن جنھن بھتان جو وڏو لُڙ مچايو تنھن لاءِ وڏو عذاب آھي
لَوْلَا إِذْ سَمِعْتُمُوهُ ظَنَّ الْمُؤْمِنُونَ وَالْمُؤْمِنَاتُ بِأَنْفُسِهِمْ خَيْرًا وَقَالُوا هَٰذَا إِفْكٌ مُبِينٌ
جڏھن اُھو ٻُڌوَ تڏھن مؤمنن مردن ۽ مؤمنن زالن پنھنجن (ھم دينن) ۾ چڱو گمان ڇو نہ ڪيو ۽ ڇو نہ چيائون تہ ھيءُ پڌرو بُھتان آھي؟
لَوْلَا جَاءُوا عَلَيْهِ بِأَرْبَعَةِ شُهَدَاءَ ۚ فَإِذْ لَمْ يَأْتُوا بِالشُّهَدَاءِ فَأُولَٰئِكَ عِنْدَ اللَّهِ هُمُ الْكَاذِبُونَ
اِن (ڳالھ) تي چار شاھد ڇو نہ آندائون؟ پوءِ جڏھن شاھد نہ آندائون تڏھن اِھي ئي الله وٽ ڪُوڙا آھن
وَلَوْلَا فَضْلُ اللَّهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهُ فِي الدُّنْيَا وَالْآخِرَةِ لَمَسَّكُمْ فِي مَا أَفَضْتُمْ فِيهِ عَذَابٌ عَظِيمٌ
۽ جيڪڏھن الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ دنيا ۽ آخرت ۾ اوھان تي نہ ھجي ھا تہ جنھن (ڳالھ) بابت چرچو مچايوَ (تنھن بابت) اوھان کي (تڏھن ئي) وڏو عذاب پھچي ھا
إِذْ تَلَقَّوْنَهُ بِأَلْسِنَتِكُمْ وَتَقُولُونَ بِأَفْوَاهِكُمْ مَا لَيْسَ لَكُمْ بِهِ عِلْمٌ وَتَحْسَبُونَهُ هَيِّنًا وَهُوَ عِنْدَ اللَّهِ عَظِيمٌ
جڏھن ان کي پنھنجن زبانن سان ٻاڦيندا رھيؤ ۽ جنھن (ڳالھ جي حقيقت) جي اوھان کي ڪا خبر نہ ھئي سا پنھنجن واتن سان چوندا رھيؤ ۽ اُن کي ھلڪو ٿي ڀانيوَ، ۽ (حقيقت ڪري) اُھو الله وٽ وڏو (گناھ) ھو

Choose other languages: