Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #92 Translated in Sindhi

وَتَرَى الْجِبَالَ تَحْسَبُهَا جَامِدَةً وَهِيَ تَمُرُّ مَرَّ السَّحَابِ ۚ صُنْعَ اللَّهِ الَّذِي أَتْقَنَ كُلَّ شَيْءٍ ۚ إِنَّهُ خَبِيرٌ بِمَا تَفْعَلُونَ
۽ تون جبلن کي ڏسين ٿو، انھن کي (زمين) ۾ ڄميل ڀائين ٿو؟ حالانڪ اُھي ڪڪرن جي ھلڻ جان ھلندا، اِھا (اُنھي) الله جي ڪاريگري آھي، جنھن سڀڪنھن شئي کي پڪو ڪري جوڙيو آھي، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي اُھو خبر رکندڙ آھي
مَنْ جَاءَ بِالْحَسَنَةِ فَلَهُ خَيْرٌ مِنْهَا وَهُمْ مِنْ فَزَعٍ يَوْمَئِذٍ آمِنُونَ
جيڪو نيڪي آڻيندو، تنھن لاءِ اُن کان ڀلو (بدلو) آھي، ۽ اُھي اُن ڏينھن گھٻرائڻ کان اَمن وارا ھوندا
وَمَنْ جَاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَكُبَّتْ وُجُوهُهُمْ فِي النَّارِ هَلْ تُجْزَوْنَ إِلَّا مَا كُنْتُمْ تَعْمَلُونَ
۽ جيڪو گناھ آڻيندا پوءِ تن جا منھن باھ ۾ اونڌا ڪري وجھبا (چيو ويندن) تہ جيڪي ڪندا ھُيؤ، تنھن کانسواءِ ٻيو ڪو بدلو نہ ٿو ڏجيوَ
إِنَّمَا أُمِرْتُ أَنْ أَعْبُدَ رَبَّ هَٰذِهِ الْبَلْدَةِ الَّذِي حَرَّمَهَا وَلَهُ كُلُّ شَيْءٍ ۖ وَأُمِرْتُ أَنْ أَكُونَ مِنَ الْمُسْلِمِينَ
(اي پيغمبر چئو تہ) مون کي تہ (ھيءُ) حُڪم ڪيل آھي تہ ھن شھر (مڪي) جي مالڪ جي عبادت ڪريان، جنھن اُن کي تعظيم وارو ڪيو ۽ سڀڪا شئي سندس آھي ۽ مونکي حُڪم ڪيل آھي تہ مُسلمانن مان ھُجان
وَأَنْ أَتْلُوَ الْقُرْآنَ ۖ فَمَنِ اهْتَدَىٰ فَإِنَّمَا يَهْتَدِي لِنَفْسِهِ ۖ وَمَنْ ضَلَّ فَقُلْ إِنَّمَا أَنَا مِنَ الْمُنْذِرِينَ
۽ (ھيءُ) قرآن پڙھان، پوءِ جيڪو ھدايت وارو ٿيو سو رڳو پاڻ لاءِ ھدايت وارو ٿئي ٿو ۽ جيڪو گمراھ ٿيو تہ چئو تہ آءٌ رڳو ڊيڄاريندڙ آھيان

Choose other languages: