Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #91 Translated in Sindhi

وَيَوْمَ يُنْفَخُ فِي الصُّورِ فَفَزِعَ مَنْ فِي السَّمَاوَاتِ وَمَنْ فِي الْأَرْضِ إِلَّا مَنْ شَاءَ اللَّهُ ۚ وَكُلٌّ أَتَوْهُ دَاخِرِينَ
۽ (ياد ڪريو) جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو (تنھن ڏينھن) جيڪي آسمانن ۾ آھن ۽ جيڪي زمين ۾ آھن سي سڀئي گھٻرائيندا پر جن لاءِ الله گھريو آھي، (سي نہ گھٻرائيندا) ۽ سڀڪو وٽن عجز انڪساري سان ايندو
وَتَرَى الْجِبَالَ تَحْسَبُهَا جَامِدَةً وَهِيَ تَمُرُّ مَرَّ السَّحَابِ ۚ صُنْعَ اللَّهِ الَّذِي أَتْقَنَ كُلَّ شَيْءٍ ۚ إِنَّهُ خَبِيرٌ بِمَا تَفْعَلُونَ
۽ تون جبلن کي ڏسين ٿو، انھن کي (زمين) ۾ ڄميل ڀائين ٿو؟ حالانڪ اُھي ڪڪرن جي ھلڻ جان ھلندا، اِھا (اُنھي) الله جي ڪاريگري آھي، جنھن سڀڪنھن شئي کي پڪو ڪري جوڙيو آھي، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي اُھو خبر رکندڙ آھي
مَنْ جَاءَ بِالْحَسَنَةِ فَلَهُ خَيْرٌ مِنْهَا وَهُمْ مِنْ فَزَعٍ يَوْمَئِذٍ آمِنُونَ
جيڪو نيڪي آڻيندو، تنھن لاءِ اُن کان ڀلو (بدلو) آھي، ۽ اُھي اُن ڏينھن گھٻرائڻ کان اَمن وارا ھوندا
وَمَنْ جَاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَكُبَّتْ وُجُوهُهُمْ فِي النَّارِ هَلْ تُجْزَوْنَ إِلَّا مَا كُنْتُمْ تَعْمَلُونَ
۽ جيڪو گناھ آڻيندا پوءِ تن جا منھن باھ ۾ اونڌا ڪري وجھبا (چيو ويندن) تہ جيڪي ڪندا ھُيؤ، تنھن کانسواءِ ٻيو ڪو بدلو نہ ٿو ڏجيوَ
إِنَّمَا أُمِرْتُ أَنْ أَعْبُدَ رَبَّ هَٰذِهِ الْبَلْدَةِ الَّذِي حَرَّمَهَا وَلَهُ كُلُّ شَيْءٍ ۖ وَأُمِرْتُ أَنْ أَكُونَ مِنَ الْمُسْلِمِينَ
(اي پيغمبر چئو تہ) مون کي تہ (ھيءُ) حُڪم ڪيل آھي تہ ھن شھر (مڪي) جي مالڪ جي عبادت ڪريان، جنھن اُن کي تعظيم وارو ڪيو ۽ سڀڪا شئي سندس آھي ۽ مونکي حُڪم ڪيل آھي تہ مُسلمانن مان ھُجان

Choose other languages: