Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #80 Translated in Sindhi

إِنَّ هَٰذَا الْقُرْآنَ يَقُصُّ عَلَىٰ بَنِي إِسْرَائِيلَ أَكْثَرَ الَّذِي هُمْ فِيهِ يَخْتَلِفُونَ
بيشڪ ھيءُ قرآن بني اسرائيلن کي گھڻيون اُھي ڳالھيون بيان ڪندو آھي، جن بابت اُھي تڪرار ڪندا ھئا
وَإِنَّهُ لَهُدًى وَرَحْمَةٌ لِلْمُؤْمِنِينَ
۽ بيشڪ اُھو مومنن لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي
إِنَّ رَبَّكَ يَقْضِي بَيْنَهُمْ بِحُكْمِهِ ۚ وَهُوَ الْعَزِيزُ الْعَلِيمُ
بيشڪ تنھنجو پالڻھار پنھنجي حُڪم سان سندن وچ ۾ نبيرو ڪندو، ۽ اُھو غالب ڄاڻندڙ آھي
فَتَوَكَّلْ عَلَى اللَّهِ ۖ إِنَّكَ عَلَى الْحَقِّ الْمُبِينِ
پوءِ (اي پيغمبر! تون) الله تي ڀروسو ڪر، بيشڪ تون پڌري سچي (دين) تي آھين
إِنَّكَ لَا تُسْمِعُ الْمَوْتَىٰ وَلَا تُسْمِعُ الصُّمَّ الدُّعَاءَ إِذَا وَلَّوْا مُدْبِرِينَ
بيشڪ تون نڪي مُئن کي ٻُڌائي سگھندين ۽ نڪي ٻوڙن کي سڏ ٻڌائي سگھندين، جڏھن (ھو) پٺي ڏيئي ڦرن

Choose other languages: