Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #79 Translated in Sindhi

وَمَا مِنْ غَائِبَةٍ فِي السَّمَاءِ وَالْأَرْضِ إِلَّا فِي كِتَابٍ مُبِينٍ
۽ آسمان ۽ زمين ۾ اھڙي ڪا (شئي) ڳجھي نہ آھي، جا پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) نہ آھي
إِنَّ هَٰذَا الْقُرْآنَ يَقُصُّ عَلَىٰ بَنِي إِسْرَائِيلَ أَكْثَرَ الَّذِي هُمْ فِيهِ يَخْتَلِفُونَ
بيشڪ ھيءُ قرآن بني اسرائيلن کي گھڻيون اُھي ڳالھيون بيان ڪندو آھي، جن بابت اُھي تڪرار ڪندا ھئا
وَإِنَّهُ لَهُدًى وَرَحْمَةٌ لِلْمُؤْمِنِينَ
۽ بيشڪ اُھو مومنن لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي
إِنَّ رَبَّكَ يَقْضِي بَيْنَهُمْ بِحُكْمِهِ ۚ وَهُوَ الْعَزِيزُ الْعَلِيمُ
بيشڪ تنھنجو پالڻھار پنھنجي حُڪم سان سندن وچ ۾ نبيرو ڪندو، ۽ اُھو غالب ڄاڻندڙ آھي
فَتَوَكَّلْ عَلَى اللَّهِ ۖ إِنَّكَ عَلَى الْحَقِّ الْمُبِينِ
پوءِ (اي پيغمبر! تون) الله تي ڀروسو ڪر، بيشڪ تون پڌري سچي (دين) تي آھين

Choose other languages: