Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #82 Translated in Sindhi

إِنَّ رَبَّكَ يَقْضِي بَيْنَهُمْ بِحُكْمِهِ ۚ وَهُوَ الْعَزِيزُ الْعَلِيمُ
بيشڪ تنھنجو پالڻھار پنھنجي حُڪم سان سندن وچ ۾ نبيرو ڪندو، ۽ اُھو غالب ڄاڻندڙ آھي
فَتَوَكَّلْ عَلَى اللَّهِ ۖ إِنَّكَ عَلَى الْحَقِّ الْمُبِينِ
پوءِ (اي پيغمبر! تون) الله تي ڀروسو ڪر، بيشڪ تون پڌري سچي (دين) تي آھين
إِنَّكَ لَا تُسْمِعُ الْمَوْتَىٰ وَلَا تُسْمِعُ الصُّمَّ الدُّعَاءَ إِذَا وَلَّوْا مُدْبِرِينَ
بيشڪ تون نڪي مُئن کي ٻُڌائي سگھندين ۽ نڪي ٻوڙن کي سڏ ٻڌائي سگھندين، جڏھن (ھو) پٺي ڏيئي ڦرن
وَمَا أَنْتَ بِهَادِي الْعُمْيِ عَنْ ضَلَالَتِهِمْ ۖ إِنْ تُسْمِعُ إِلَّا مَنْ يُؤْمِنُ بِآيَاتِنَا فَهُمْ مُسْلِمُونَ
۽ نڪي تون انڌن کي سندن گمراھيءَ کان (موٽڻ لاءِ) سڌو رستو ڏيکاريندڙ آھين (تون) رُڳو اُنھيءَ کي ٻڌائيندين جيڪو اسان جي آيتن تي ايمان آڻيندو، پوءِ اُھي فرمانبردار آھن
وَإِذَا وَقَعَ الْقَوْلُ عَلَيْهِمْ أَخْرَجْنَا لَهُمْ دَابَّةً مِنَ الْأَرْضِ تُكَلِّمُهُمْ أَنَّ النَّاسَ كَانُوا بِآيَاتِنَا لَا يُوقِنُونَ
۽ جڏھن مٿن (عذاب جو) انجام لازم ٿيندو، (تڏھن) اُنھن لاءِ ھڪ جانور زمين مان ڪڍنداسون، جو ساڻن ڳالھائيندو، اِنھيءَ ڪري جو ماڻھو اسان جي آيتن تي يقين نہ رکندا ھئا

Choose other languages: