Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #85 Translated in Sindhi

وَمَا أَنْتَ بِهَادِي الْعُمْيِ عَنْ ضَلَالَتِهِمْ ۖ إِنْ تُسْمِعُ إِلَّا مَنْ يُؤْمِنُ بِآيَاتِنَا فَهُمْ مُسْلِمُونَ
۽ نڪي تون انڌن کي سندن گمراھيءَ کان (موٽڻ لاءِ) سڌو رستو ڏيکاريندڙ آھين (تون) رُڳو اُنھيءَ کي ٻڌائيندين جيڪو اسان جي آيتن تي ايمان آڻيندو، پوءِ اُھي فرمانبردار آھن
وَإِذَا وَقَعَ الْقَوْلُ عَلَيْهِمْ أَخْرَجْنَا لَهُمْ دَابَّةً مِنَ الْأَرْضِ تُكَلِّمُهُمْ أَنَّ النَّاسَ كَانُوا بِآيَاتِنَا لَا يُوقِنُونَ
۽ جڏھن مٿن (عذاب جو) انجام لازم ٿيندو، (تڏھن) اُنھن لاءِ ھڪ جانور زمين مان ڪڍنداسون، جو ساڻن ڳالھائيندو، اِنھيءَ ڪري جو ماڻھو اسان جي آيتن تي يقين نہ رکندا ھئا
وَيَوْمَ نَحْشُرُ مِنْ كُلِّ أُمَّةٍ فَوْجًا مِمَّنْ يُكَذِّبُ بِآيَاتِنَا فَهُمْ يُوزَعُونَ
۽ اُنھيءَ ڏينھن، جو سڀڪنھن اُمت مان اھڙيءَ ٽوليءَ کي کڙو ڪنداسون، جنھن اسان جي آيتن کي ڪُوڙو ڄاتو ٿي، پوءِ اُھي (ھڪٻئي جي پھچڻ تائين) بيھاريا ويندا
حَتَّىٰ إِذَا جَاءُوا قَالَ أَكَذَّبْتُمْ بِآيَاتِي وَلَمْ تُحِيطُوا بِهَا عِلْمًا أَمَّاذَا كُنْتُمْ تَعْمَلُونَ
تان جو جڏھن (سڀ) ايندا (تڏھن الله) چوندو تہ، اوھان منھنجن آيتن کي ڇو ڪوڙ ڄاتو ھو؟ ۽ انھن کي اوھان سمجھو بہ نہ ھُيو يا (چئو تہ) اوھان ڪھڙو ڪم ڪيو ٿي؟
وَوَقَعَ الْقَوْلُ عَلَيْهِمْ بِمَا ظَلَمُوا فَهُمْ لَا يَنْطِقُونَ
۽ سندن ظلم ڪرڻ سببان مٿن (عذاب جو) انجام لازم ٿي چُڪو، پوءِ اُھي (ماڻھو) ڳالھائي نہ سگھندا

Choose other languages: