Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #87 Translated in Sindhi

وَيَوْمَ نَحْشُرُ مِنْ كُلِّ أُمَّةٍ فَوْجًا مِمَّنْ يُكَذِّبُ بِآيَاتِنَا فَهُمْ يُوزَعُونَ
۽ اُنھيءَ ڏينھن، جو سڀڪنھن اُمت مان اھڙيءَ ٽوليءَ کي کڙو ڪنداسون، جنھن اسان جي آيتن کي ڪُوڙو ڄاتو ٿي، پوءِ اُھي (ھڪٻئي جي پھچڻ تائين) بيھاريا ويندا
حَتَّىٰ إِذَا جَاءُوا قَالَ أَكَذَّبْتُمْ بِآيَاتِي وَلَمْ تُحِيطُوا بِهَا عِلْمًا أَمَّاذَا كُنْتُمْ تَعْمَلُونَ
تان جو جڏھن (سڀ) ايندا (تڏھن الله) چوندو تہ، اوھان منھنجن آيتن کي ڇو ڪوڙ ڄاتو ھو؟ ۽ انھن کي اوھان سمجھو بہ نہ ھُيو يا (چئو تہ) اوھان ڪھڙو ڪم ڪيو ٿي؟
وَوَقَعَ الْقَوْلُ عَلَيْهِمْ بِمَا ظَلَمُوا فَهُمْ لَا يَنْطِقُونَ
۽ سندن ظلم ڪرڻ سببان مٿن (عذاب جو) انجام لازم ٿي چُڪو، پوءِ اُھي (ماڻھو) ڳالھائي نہ سگھندا
أَلَمْ يَرَوْا أَنَّا جَعَلْنَا اللَّيْلَ لِيَسْكُنُوا فِيهِ وَالنَّهَارَ مُبْصِرًا ۚ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَاتٍ لِقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
نہ ڏٺو اَٿن ڇا تہ، اسان رات کي (ھن لاءِ) پيدا ڪيو تہ منجھس آرام وٺن ۽ ڏينھن کي روشن (بڻايوسون) بيشڪ ھن ۾ مڃيندڙ قوم لاءِ (منھنجي قدرت جون) نشانيون آھن
وَيَوْمَ يُنْفَخُ فِي الصُّورِ فَفَزِعَ مَنْ فِي السَّمَاوَاتِ وَمَنْ فِي الْأَرْضِ إِلَّا مَنْ شَاءَ اللَّهُ ۚ وَكُلٌّ أَتَوْهُ دَاخِرِينَ
۽ (ياد ڪريو) جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو (تنھن ڏينھن) جيڪي آسمانن ۾ آھن ۽ جيڪي زمين ۾ آھن سي سڀئي گھٻرائيندا پر جن لاءِ الله گھريو آھي، (سي نہ گھٻرائيندا) ۽ سڀڪو وٽن عجز انڪساري سان ايندو

Choose other languages: