Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #24 Translated in Sindhi

وَتَفَقَّدَ الطَّيْرَ فَقَالَ مَا لِيَ لَا أَرَى الْهُدْهُدَ أَمْ كَانَ مِنَ الْغَائِبِينَ
۽ پکين جي جانچ پڙتال ڪيائين، پوءِ (ھُدھُد کي نہ ڏسي ڪري) چيائين تہ، مون کي ڇا (ٿيو) آھي، جو ھُدھُد نہ ٿو ڏسان، يا ھو غير حاضر آھي؟
لَأُعَذِّبَنَّهُ عَذَابًا شَدِيدًا أَوْ لَأَذْبَحَنَّهُ أَوْ لَيَأْتِيَنِّي بِسُلْطَانٍ مُبِينٍ
ضرور سخت سزا ڏيندوسانس يا ضرور ڪُھندوسانس يا مون وٽ ڪو پڌرو دليل آڻي
فَمَكَثَ غَيْرَ بَعِيدٍ فَقَالَ أَحَطْتُ بِمَا لَمْ تُحِطْ بِهِ وَجِئْتُكَ مِنْ سَبَإٍ بِنَبَإٍ يَقِينٍ
پوءِ گھڻو نہ ترسيو تہ (اچي) چيائين تہ اھڙي خبر آندي اٿم جنھنجي تو کي ڪا سُڌ نہ ھئي ۽ (شھر) سبا کان (ھيءَ) پڪي خبر تو وٽ آندي اٿم
إِنِّي وَجَدْتُ امْرَأَةً تَمْلِكُهُمْ وَأُوتِيَتْ مِنْ كُلِّ شَيْءٍ وَلَهَا عَرْشٌ عَظِيمٌ
بيشڪ مون ھڪ عورت ڏٺي جا اُنھن تي بادشاھي ٿي ڪري ۽ کيس سڀڪا نعمت ڏني ويئي آھي ۽ اُن کي وڏو تخت (بہ) آھي
وَجَدْتُهَا وَقَوْمَهَا يَسْجُدُونَ لِلشَّمْسِ مِنْ دُونِ اللَّهِ وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيْطَانُ أَعْمَالَهُمْ فَصَدَّهُمْ عَنِ السَّبِيلِ فَهُمْ لَا يَهْتَدُونَ
کيس ۽ سندس قوم کي الله کان سواءِ سج جي پوڄا ڪندو ڏٺم ۽ شيطان اُنھن لاءِ سندن ڪرتوت سينگاريا آھن ۽ کين (الله جي) واٽ کان جھليو اٿس، تنھنڪري اُھي ھدايت نٿا لھن

Choose other languages: