Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #23 Translated in Sindhi

فَتَبَسَّمَ ضَاحِكًا مِنْ قَوْلِهَا وَقَالَ رَبِّ أَوْزِعْنِي أَنْ أَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِي أَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلَىٰ وَالِدَيَّ وَأَنْ أَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضَاهُ وَأَدْخِلْنِي بِرَحْمَتِكَ فِي عِبَادِكَ الصَّالِحِينَ
پوءِ (سليمان) اُن جي ڳالھائڻ کان مُرڪي کِليو ۽ چيائين تہ اي منھنجا پالڻھار! مون کي توفيق ڏي تہ تنھنجي اُنھن نعمتن جو شڪر ڪريان، جي مون تي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ تي ڪيون اٿيئي ۽ (توفيق ڏيم) تہ اھڙا چڱا ڪم ڪريان جن کان تون راضي ٿئين ۽ مون کي پنھنجي ٻاجھ سان پنھنجي صالح ٻانھن ۾ داخل ڪر
وَتَفَقَّدَ الطَّيْرَ فَقَالَ مَا لِيَ لَا أَرَى الْهُدْهُدَ أَمْ كَانَ مِنَ الْغَائِبِينَ
۽ پکين جي جانچ پڙتال ڪيائين، پوءِ (ھُدھُد کي نہ ڏسي ڪري) چيائين تہ، مون کي ڇا (ٿيو) آھي، جو ھُدھُد نہ ٿو ڏسان، يا ھو غير حاضر آھي؟
لَأُعَذِّبَنَّهُ عَذَابًا شَدِيدًا أَوْ لَأَذْبَحَنَّهُ أَوْ لَيَأْتِيَنِّي بِسُلْطَانٍ مُبِينٍ
ضرور سخت سزا ڏيندوسانس يا ضرور ڪُھندوسانس يا مون وٽ ڪو پڌرو دليل آڻي
فَمَكَثَ غَيْرَ بَعِيدٍ فَقَالَ أَحَطْتُ بِمَا لَمْ تُحِطْ بِهِ وَجِئْتُكَ مِنْ سَبَإٍ بِنَبَإٍ يَقِينٍ
پوءِ گھڻو نہ ترسيو تہ (اچي) چيائين تہ اھڙي خبر آندي اٿم جنھنجي تو کي ڪا سُڌ نہ ھئي ۽ (شھر) سبا کان (ھيءَ) پڪي خبر تو وٽ آندي اٿم
إِنِّي وَجَدْتُ امْرَأَةً تَمْلِكُهُمْ وَأُوتِيَتْ مِنْ كُلِّ شَيْءٍ وَلَهَا عَرْشٌ عَظِيمٌ
بيشڪ مون ھڪ عورت ڏٺي جا اُنھن تي بادشاھي ٿي ڪري ۽ کيس سڀڪا نعمت ڏني ويئي آھي ۽ اُن کي وڏو تخت (بہ) آھي

Choose other languages: