Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nahl Ayahs #66 Translated in Sindhi

وَيَجْعَلُونَ لِلَّهِ مَا يَكْرَهُونَ وَتَصِفُ أَلْسِنَتُهُمُ الْكَذِبَ أَنَّ لَهُمُ الْحُسْنَىٰ ۖ لَا جَرَمَ أَنَّ لَهُمُ النَّارَ وَأَنَّهُمْ مُفْرَطُونَ
۽ الله لاءِ اُھا شئي مقرر ڪندا آھن جيڪا (پاڻ) ناپسند ڪندا آھن ۽ سندن زبانون ڪوڙ بڪنديون آھن تہ، سندن لاءِ (ڇوٽڪاري جي) جي چڱائي آھي، بلاشڪ اُنھن لاءِ (دوزخ جي) باھ آھي ۽ اُھي حد کان لنگھي ويل آھن
تَاللَّهِ لَقَدْ أَرْسَلْنَا إِلَىٰ أُمَمٍ مِنْ قَبْلِكَ فَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيْطَانُ أَعْمَالَهُمْ فَهُوَ وَلِيُّهُمُ الْيَوْمَ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
الله جو قسم آھي تہ بيشڪ توکان اڳ اُمتن ڏانھن (پيغمبر) موڪلياسون پوءِ کين شيطان سندن عمل چڱا ڪري ڏيکاريا پوءِ اُھو اَڄ سندن دوست آھي ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
وَمَا أَنْزَلْنَا عَلَيْكَ الْكِتَابَ إِلَّا لِتُبَيِّنَ لَهُمُ الَّذِي اخْتَلَفُوا فِيهِ ۙ وَهُدًى وَرَحْمَةً لِقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
۽ (اي پيغمبر!) تو تي ڪتاب ھن کانسواءِ نازل نہ ڪيوسون تہ جن اُن بابت تڪرار ڪيو تن لاءِ تون وضاحت ڪرين ۽ (پڻ) مؤمن قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي
وَاللَّهُ أَنْزَلَ مِنَ السَّمَاءِ مَاءً فَأَحْيَا بِهِ الْأَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۚ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَةً لِقَوْمٍ يَسْمَعُونَ
۽ الله آسمانن کان (مينھن جو) پاڻي وسايو پوءِ اُن سان زمين کي سندس ويرانيءَ کانپوءِ آباد ڪيائين، بيشڪ اُن ۾ ٻڌندڙ قوم لاءِ نشاني آھي
وَإِنَّ لَكُمْ فِي الْأَنْعَامِ لَعِبْرَةً ۖ نُسْقِيكُمْ مِمَّا فِي بُطُونِهِ مِنْ بَيْنِ فَرْثٍ وَدَمٍ لَبَنًا خَالِصًا سَائِغًا لِلشَّارِبِينَ
۽ بيشڪ ڍورن ۾ اوھان لاءِ عبرت آھي، جيڪي سندن پيٽن ۾ آھي تنھن مان ڇيڻن ۽ رت جي وچان نج کير اوھان کي پياريندا آھن جو پيئندڙن کي لذت ڏيندڙ آھي

Choose other languages: