Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nahl Ayahs #68 Translated in Sindhi

وَمَا أَنْزَلْنَا عَلَيْكَ الْكِتَابَ إِلَّا لِتُبَيِّنَ لَهُمُ الَّذِي اخْتَلَفُوا فِيهِ ۙ وَهُدًى وَرَحْمَةً لِقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
۽ (اي پيغمبر!) تو تي ڪتاب ھن کانسواءِ نازل نہ ڪيوسون تہ جن اُن بابت تڪرار ڪيو تن لاءِ تون وضاحت ڪرين ۽ (پڻ) مؤمن قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي
وَاللَّهُ أَنْزَلَ مِنَ السَّمَاءِ مَاءً فَأَحْيَا بِهِ الْأَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۚ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَةً لِقَوْمٍ يَسْمَعُونَ
۽ الله آسمانن کان (مينھن جو) پاڻي وسايو پوءِ اُن سان زمين کي سندس ويرانيءَ کانپوءِ آباد ڪيائين، بيشڪ اُن ۾ ٻڌندڙ قوم لاءِ نشاني آھي
وَإِنَّ لَكُمْ فِي الْأَنْعَامِ لَعِبْرَةً ۖ نُسْقِيكُمْ مِمَّا فِي بُطُونِهِ مِنْ بَيْنِ فَرْثٍ وَدَمٍ لَبَنًا خَالِصًا سَائِغًا لِلشَّارِبِينَ
۽ بيشڪ ڍورن ۾ اوھان لاءِ عبرت آھي، جيڪي سندن پيٽن ۾ آھي تنھن مان ڇيڻن ۽ رت جي وچان نج کير اوھان کي پياريندا آھن جو پيئندڙن کي لذت ڏيندڙ آھي
وَمِنْ ثَمَرَاتِ النَّخِيلِ وَالْأَعْنَابِ تَتَّخِذُونَ مِنْهُ سَكَرًا وَرِزْقًا حَسَنًا ۗ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَةً لِقَوْمٍ يَعْقِلُونَ
۽ کجين جي ۽ انگورن جي ميون مان ڪو (اھڙو قسم) آھي جو اُن مان شراب ۽ سٺي روزي بڻائيندا آھيو، بيشڪ اُن ۾ ڄاڻندڙ قوم لاءِ نشاني آھي
وَأَوْحَىٰ رَبُّكَ إِلَى النَّحْلِ أَنِ اتَّخِذِي مِنَ الْجِبَالِ بُيُوتًا وَمِنَ الشَّجَرِ وَمِمَّا يَعْرِشُونَ
۽ تنھنجي پالڻھار ماکيءَ جي مَک ڏانھن الھام ڪيو تہ ڪن جبلن ۾ ۽ وڻن ۾ ۽ جن شين مان (ماڻھو گھرن جون) ڇتيون جوڙيندا آھن تن ۾ گھر بڻاءِ

Choose other languages: