Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nahl Ayahs #59 Translated in Sindhi

لِيَكْفُرُوا بِمَا آتَيْنَاهُمْ ۚ فَتَمَتَّعُوا ۖ فَسَوْفَ تَعْلَمُونَ
ھن لاءِ تہ کين جيڪي ڏنوسون تنھن جي بي شڪري ڪن، پوءِ دنيا ۾ خوش گذاريو، پوءِ سِگھو ڄاڻندؤ
وَيَجْعَلُونَ لِمَا لَا يَعْلَمُونَ نَصِيبًا مِمَّا رَزَقْنَاهُمْ ۗ تَاللَّهِ لَتُسْأَلُنَّ عَمَّا كُنْتُمْ تَفْتَرُونَ
۽ جيڪي کين ڏنوسون تنھن مان (ڪافر) اُنھن (بُتن) لاءِ حصو مقرر ڪندا آھن جي نہ ڄاڻندا آھن، الله جو قسم آھي تہ جيڪي ٺاھ ٺاھيندا آھيو تنھن بابت ضرور پڇيا ويندؤ
وَيَجْعَلُونَ لِلَّهِ الْبَنَاتِ سُبْحَانَهُ ۙ وَلَهُمْ مَا يَشْتَهُونَ
۽ الله لاءِ ڌيئرون (مقرر) ڪندا آھن اُھو پاڪ آھي ۽ پاڻ لاءِ جيڪي وڻندو اٿن (يعني پٽ سو مقرر ڪندا آھن)
وَإِذَا بُشِّرَ أَحَدُهُمْ بِالْأُنْثَىٰ ظَلَّ وَجْهُهُ مُسْوَدًّا وَهُوَ كَظِيمٌ
۽ جڏھن منجھائن ڪنھن ھڪ کي ڌيءَ (ڄمڻ) جي خبر ڏبي آھي (تڏھن) سندس منھن ڪارو ٿي ويندو آھي ۽ اُھو ڏک ڀريل ھوندو آھي
يَتَوَارَىٰ مِنَ الْقَوْمِ مِنْ سُوءِ مَا بُشِّرَ بِهِ ۚ أَيُمْسِكُهُ عَلَىٰ هُونٍ أَمْ يَدُسُّهُ فِي التُّرَابِ ۗ أَلَا سَاءَ مَا يَحْكُمُونَ
جيڪا کيس خراب خبر ڏني ويئي تنھن جي (ناراضپي) سببان قوم کان پيو لڪندو آھي، (ڳڻتيءَ ۾ پوندو آھي تہ) اُن (ڌيءَ جي ٻار) کي خواريءَ ھوندي (بہ زندھ) رکي يا اُن کي مٽيءَ ۾ دٻي ڇڏي، خبردار اُھي جيڪو فيصلو ڪندا آھن سو بڇڙو آھي

Choose other languages: