Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nahl Ayahs #61 Translated in Sindhi

وَيَجْعَلُونَ لِلَّهِ الْبَنَاتِ سُبْحَانَهُ ۙ وَلَهُمْ مَا يَشْتَهُونَ
۽ الله لاءِ ڌيئرون (مقرر) ڪندا آھن اُھو پاڪ آھي ۽ پاڻ لاءِ جيڪي وڻندو اٿن (يعني پٽ سو مقرر ڪندا آھن)
وَإِذَا بُشِّرَ أَحَدُهُمْ بِالْأُنْثَىٰ ظَلَّ وَجْهُهُ مُسْوَدًّا وَهُوَ كَظِيمٌ
۽ جڏھن منجھائن ڪنھن ھڪ کي ڌيءَ (ڄمڻ) جي خبر ڏبي آھي (تڏھن) سندس منھن ڪارو ٿي ويندو آھي ۽ اُھو ڏک ڀريل ھوندو آھي
يَتَوَارَىٰ مِنَ الْقَوْمِ مِنْ سُوءِ مَا بُشِّرَ بِهِ ۚ أَيُمْسِكُهُ عَلَىٰ هُونٍ أَمْ يَدُسُّهُ فِي التُّرَابِ ۗ أَلَا سَاءَ مَا يَحْكُمُونَ
جيڪا کيس خراب خبر ڏني ويئي تنھن جي (ناراضپي) سببان قوم کان پيو لڪندو آھي، (ڳڻتيءَ ۾ پوندو آھي تہ) اُن (ڌيءَ جي ٻار) کي خواريءَ ھوندي (بہ زندھ) رکي يا اُن کي مٽيءَ ۾ دٻي ڇڏي، خبردار اُھي جيڪو فيصلو ڪندا آھن سو بڇڙو آھي
لِلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِالْآخِرَةِ مَثَلُ السَّوْءِ ۖ وَلِلَّهِ الْمَثَلُ الْأَعْلَىٰ ۚ وَهُوَ الْعَزِيزُ الْحَكِيمُ
جيڪي آخرت کي نہ مڃيندا آھن تن جو مثال بڇڙو آھي، ۽ الله جو مثال مٿاھون آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي
وَلَوْ يُؤَاخِذُ اللَّهُ النَّاسَ بِظُلْمِهِمْ مَا تَرَكَ عَلَيْهَا مِنْ دَابَّةٍ وَلَٰكِنْ يُؤَخِّرُهُمْ إِلَىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى ۖ فَإِذَا جَاءَ أَجَلُهُمْ لَا يَسْتَأْخِرُونَ سَاعَةً ۖ وَلَا يَسْتَقْدِمُونَ
۽ جيڪڏھن الله ماڻھن کي سندن ظلم سببان پڪڙي تہ ڪنھن چُرندڙ کي زمين تي نہ ڇڏي پر اُنھن کي مقرر مدت تائين مُھلت ڏيندو آھي، پوءِ جنھن مھل سندن مدت پھچندي (تنھن مھل) ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندا ۽ نڪي اڳڀرو ويندا

Choose other languages: