Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nahl Ayahs #128 Translated in Sindhi

ادْعُ إِلَىٰ سَبِيلِ رَبِّكَ بِالْحِكْمَةِ وَالْمَوْعِظَةِ الْحَسَنَةِ ۖ وَجَادِلْهُمْ بِالَّتِي هِيَ أَحْسَنُ ۚ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعْلَمُ بِمَنْ ضَلَّ عَنْ سَبِيلِهِ ۖ وَهُوَ أَعْلَمُ بِالْمُهْتَدِينَ
(اي پيغمبر!) حڪمت ۽ سھڻي نصيحت سان پنھنجي پالڻھار جي واٽ ڏانھن (ماڻھن کي) دعوت ڏي ۽ سھڻي نموني ساڻن بحث ڪر، ڇو تہ جيڪو الله جي واٽ کان گمراھ ٿيو تنھنکي تنھنجو پالڻھار وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي ۽ اُھو ھدايت وارن کي (بہ) وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي
وَإِنْ عَاقَبْتُمْ فَعَاقِبُوا بِمِثْلِ مَا عُوقِبْتُمْ بِهِ ۖ وَلَئِنْ صَبَرْتُمْ لَهُوَ خَيْرٌ لِلصَّابِرِينَ
۽ جيڪڏھن (ڪافرن کان) بدلو وٺو تہ جيترو ايذايا ويا ھجو اوترو اُنھن کي ايذايو، ۽ جيڪڏھن اوھين صبر ڪريو تہ اُھو صابرن لاءِ ڀلو آھي
وَاصْبِرْ وَمَا صَبْرُكَ إِلَّا بِاللَّهِ ۚ وَلَا تَحْزَنْ عَلَيْهِمْ وَلَا تَكُ فِي ضَيْقٍ مِمَّا يَمْكُرُونَ
۽ (اي پيغمبر!) صبر ڪر ۽ تنھنجو صبر الله جي توفيق سان ئي آھي ۽ جيڪو فريب ڪندا آھن تنھن بابت نڪي مٿن ڏک ڪر ۽ نڪي تنگ دڪ ٿيءُ
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الَّذِينَ اتَّقَوْا وَالَّذِينَ هُمْ مُحْسِنُونَ
پڪ جيڪي پرھيزگاري ڪندڙ آھن ۽ جيڪي ڀلارا آھن تن سان الله گڏ آھي

Choose other languages: