Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nahl Ayahs #108 Translated in Sindhi

إِنَّ الَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِآيَاتِ اللَّهِ لَا يَهْدِيهِمُ اللَّهُ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
بيشڪ جيڪي الله جي آيتن کي نہ مڃيندا آھن تن کي الله سڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
إِنَّمَا يَفْتَرِي الْكَذِبَ الَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِآيَاتِ اللَّهِ ۖ وَأُولَٰئِكَ هُمُ الْكَاذِبُونَ
ڪوڙو ٺاھ اُنھن کان سواءِ ڪونہ ٺاھيندو آھي جيڪي الله جي آيتن کي نہ مڃيندا آھن، ۽ اُھي (پاڻ) ڪُوڙا آھن
مَنْ كَفَرَ بِاللَّهِ مِنْ بَعْدِ إِيمَانِهِ إِلَّا مَنْ أُكْرِهَ وَقَلْبُهُ مُطْمَئِنٌّ بِالْإِيمَانِ وَلَٰكِنْ مَنْ شَرَحَ بِالْكُفْرِ صَدْرًا فَعَلَيْهِمْ غَضَبٌ مِنَ اللَّهِ وَلَهُمْ عَذَابٌ عَظِيمٌ
جنھن کي (ڪفر ڪرڻ تي) زور ڪيو وڃي (اُھو زبان سان ڪجھ چوي) ۽ سندس دل ايمان سان مطمئن ھجي اُن کان سواءِ جيڪو پنھنجي ايمان آڻڻ کانپوءِ الله جو انڪار ڪري بلڪ ڪُفر سان سينو ويڪرو ڪري (يعني راضي ٿئي) اھڙن تي الله جو ڏمر آھي، ۽ انھن لاءِ وڏو عذاب آھي
ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمُ اسْتَحَبُّوا الْحَيَاةَ الدُّنْيَا عَلَى الْآخِرَةِ وَأَنَّ اللَّهَ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الْكَافِرِينَ
اِھو ھن ڪري آھي جو اُنھن دنيا جي حياتيءَ کي آخرت کان زيادھ پسند ڪيو آھي ۽ (اِنھيءَ ڪري) تہ الله ڪافرن جي قوم کي ھدايت نہ ڪندو آھي
أُولَٰئِكَ الَّذِينَ طَبَعَ اللَّهُ عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ وَسَمْعِهِمْ وَأَبْصَارِهِمْ ۖ وَأُولَٰئِكَ هُمُ الْغَافِلُونَ
اِھي اُھي آھن جو سندن دلين ۽ سندن ڪَنن ۽ سندن اکين تي الله مُھر ھنئي، ۽ اُھي بي خبر آھن

Choose other languages: