Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nahl Ayahs #111 Translated in Sindhi

ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمُ اسْتَحَبُّوا الْحَيَاةَ الدُّنْيَا عَلَى الْآخِرَةِ وَأَنَّ اللَّهَ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الْكَافِرِينَ
اِھو ھن ڪري آھي جو اُنھن دنيا جي حياتيءَ کي آخرت کان زيادھ پسند ڪيو آھي ۽ (اِنھيءَ ڪري) تہ الله ڪافرن جي قوم کي ھدايت نہ ڪندو آھي
أُولَٰئِكَ الَّذِينَ طَبَعَ اللَّهُ عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ وَسَمْعِهِمْ وَأَبْصَارِهِمْ ۖ وَأُولَٰئِكَ هُمُ الْغَافِلُونَ
اِھي اُھي آھن جو سندن دلين ۽ سندن ڪَنن ۽ سندن اکين تي الله مُھر ھنئي، ۽ اُھي بي خبر آھن
لَا جَرَمَ أَنَّهُمْ فِي الْآخِرَةِ هُمُ الْخَاسِرُونَ
بلاشڪ اُھي ئي آخرت ۾ ڇيئي وارا آھن
ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذِينَ هَاجَرُوا مِنْ بَعْدِ مَا فُتِنُوا ثُمَّ جَاهَدُوا وَصَبَرُوا إِنَّ رَبَّكَ مِنْ بَعْدِهَا لَغَفُورٌ رَحِيمٌ
وري بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھن کي (بخشي ٿو) جيڪي (ڪفر جي ڪلمي چوڻ لاءِ ڪافرن جي ھٿان) ايذايا ويا پوءِ وطن ڇڏيائون وري جھاد ڪيائون ۽ صبر ڪيائون، بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُن کانپوءِ ضرور بخشڻھار مھربان آھي
يَوْمَ تَأْتِي كُلُّ نَفْسٍ تُجَادِلُ عَنْ نَفْسِهَا وَتُوَفَّىٰ كُلُّ نَفْسٍ مَا عَمِلَتْ وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ
اُنھيءَ ڏينھن ھر ھڪ ماڻھو پنھنجي جيءَ طرفان جھيڙو ڪندو ايندو ۽ ھر ھڪ ماڻھو جيڪي ڪمايو تنھن جو کيس پورو بدلو ڏبو ۽ اُنھن سان ظلم نہ ڪبو

Choose other languages: