Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #83 Translated in Sindhi

فَخَرَجَ عَلَىٰ قَوْمِهِ فِي زِينَتِهِ ۖ قَالَ الَّذِينَ يُرِيدُونَ الْحَيَاةَ الدُّنْيَا يَا لَيْتَ لَنَا مِثْلَ مَا أُوتِيَ قَارُونُ إِنَّهُ لَذُو حَظٍّ عَظِيمٍ
پوءِ (ھڪ ڏينھن) پنھنجي قوم جي سامھون پنھنجي سينگار سان نڪتو، جيڪي دنيا جي حياتي گھرندا ھئا، تن چيو تہ، ھاءِ ارمان! اھڙو (مال) جيڪر اسان کي (بہ) ھجي ھا جھڙوڪ قارون کي ڏنو ويو آھي، بيشڪ اُھو وڏي نصيب وارو آھي
وَقَالَ الَّذِينَ أُوتُوا الْعِلْمَ وَيْلَكُمْ ثَوَابُ اللَّهِ خَيْرٌ لِمَنْ آمَنَ وَعَمِلَ صَالِحًا وَلَا يُلَقَّاهَا إِلَّا الصَّابِرُونَ
۽ جن کي علم ڏنو ويو تن چيو تہ، اوھان لاءِ ويل ھُجي! الله جو ثواب اُنھيءَ ماڻھوءَ لاءِ ڀَلو آھي، جنھن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، اِھا (ڳالھ) صابرن کانسواءِ (ٻئي) ڪنھنجي دل ۾ نہ گِھڙندي آھي
فَخَسَفْنَا بِهِ وَبِدَارِهِ الْأَرْضَ فَمَا كَانَ لَهُ مِنْ فِئَةٍ يَنْصُرُونَهُ مِنْ دُونِ اللَّهِ وَمَا كَانَ مِنَ الْمُنْتَصِرِينَ
پوءِ کيس ۽ سندس گھر کي زمين ۾ ڳھايوسون، پوءِ الله کانسواءِ ڪا ٽولي اُن لاءِ ڪانہ ھئي، جا کيس مدد ڏئي، ۽ نڪي پاڻ وير وٺڻ وارن مان ھو
وَأَصْبَحَ الَّذِينَ تَمَنَّوْا مَكَانَهُ بِالْأَمْسِ يَقُولُونَ وَيْكَأَنَّ اللَّهَ يَبْسُطُ الرِّزْقَ لِمَنْ يَشَاءُ مِنْ عِبَادِهِ وَيَقْدِرُ ۖ لَوْلَا أَنْ مَنَّ اللَّهُ عَلَيْنَا لَخَسَفَ بِنَا ۖ وَيْكَأَنَّهُ لَا يُفْلِحُ الْكَافِرُونَ
۽ جن ڪالھ سندس مرتبي جي سَڌ ٿي ڪئي سي صبح جو چوڻ لڳا تہ، عجب آھي تہ الله پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي (تنھنجي) روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ تنگ (بہ) ڪندو آھي، جيڪڏھن الله اسان تي احسان نہ ڪري ھا تہ اسان کي (بہ زمين ۾) ڳھائي ڇڏي ھا! نہ ڄاتو اٿيئي تہ ڪافرن کي ڇوٽڪارو نہ آھي؟
تِلْكَ الدَّارُ الْآخِرَةُ نَجْعَلُهَا لِلَّذِينَ لَا يُرِيدُونَ عُلُوًّا فِي الْأَرْضِ وَلَا فَسَادًا ۚ وَالْعَاقِبَةُ لِلْمُتَّقِينَ
اِھو آخرت جو گھر آھي، جنھن کي اسان انھن لاءِ مقرر ڪيو آھي، جيڪي مُلڪ ۾ وڏائي ڪرڻ نہ گھرندا آھن ۽ نڪي فساد وجھڻ (گھرندا آھن)، ۽ (چڱي) عاقبت پرھيزگارن لاءِ آھي

Choose other languages: