Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #85 Translated in Sindhi

فَخَسَفْنَا بِهِ وَبِدَارِهِ الْأَرْضَ فَمَا كَانَ لَهُ مِنْ فِئَةٍ يَنْصُرُونَهُ مِنْ دُونِ اللَّهِ وَمَا كَانَ مِنَ الْمُنْتَصِرِينَ
پوءِ کيس ۽ سندس گھر کي زمين ۾ ڳھايوسون، پوءِ الله کانسواءِ ڪا ٽولي اُن لاءِ ڪانہ ھئي، جا کيس مدد ڏئي، ۽ نڪي پاڻ وير وٺڻ وارن مان ھو
وَأَصْبَحَ الَّذِينَ تَمَنَّوْا مَكَانَهُ بِالْأَمْسِ يَقُولُونَ وَيْكَأَنَّ اللَّهَ يَبْسُطُ الرِّزْقَ لِمَنْ يَشَاءُ مِنْ عِبَادِهِ وَيَقْدِرُ ۖ لَوْلَا أَنْ مَنَّ اللَّهُ عَلَيْنَا لَخَسَفَ بِنَا ۖ وَيْكَأَنَّهُ لَا يُفْلِحُ الْكَافِرُونَ
۽ جن ڪالھ سندس مرتبي جي سَڌ ٿي ڪئي سي صبح جو چوڻ لڳا تہ، عجب آھي تہ الله پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي (تنھنجي) روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ تنگ (بہ) ڪندو آھي، جيڪڏھن الله اسان تي احسان نہ ڪري ھا تہ اسان کي (بہ زمين ۾) ڳھائي ڇڏي ھا! نہ ڄاتو اٿيئي تہ ڪافرن کي ڇوٽڪارو نہ آھي؟
تِلْكَ الدَّارُ الْآخِرَةُ نَجْعَلُهَا لِلَّذِينَ لَا يُرِيدُونَ عُلُوًّا فِي الْأَرْضِ وَلَا فَسَادًا ۚ وَالْعَاقِبَةُ لِلْمُتَّقِينَ
اِھو آخرت جو گھر آھي، جنھن کي اسان انھن لاءِ مقرر ڪيو آھي، جيڪي مُلڪ ۾ وڏائي ڪرڻ نہ گھرندا آھن ۽ نڪي فساد وجھڻ (گھرندا آھن)، ۽ (چڱي) عاقبت پرھيزگارن لاءِ آھي
مَنْ جَاءَ بِالْحَسَنَةِ فَلَهُ خَيْرٌ مِنْهَا ۖ وَمَنْ جَاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَلَا يُجْزَى الَّذِينَ عَمِلُوا السَّيِّئَاتِ إِلَّا مَا كَانُوا يَعْمَلُونَ
جيڪو چڱائي آڻيندو تنھن لاءِ اُن کان ڀلو (بدلو) آھي، ۽ جيڪو مدائي آڻيندو تہ مدائين ڪرڻ وارا رڳو اُھا سزا لھندا جيڪي ڪيائون ٿي
إِنَّ الَّذِي فَرَضَ عَلَيْكَ الْقُرْآنَ لَرَادُّكَ إِلَىٰ مَعَادٍ ۚ قُلْ رَبِّي أَعْلَمُ مَنْ جَاءَ بِالْهُدَىٰ وَمَنْ هُوَ فِي ضَلَالٍ مُبِينٍ
بيشڪ جنھن (الله) تو تي قرآن نازل ڪيو، سو موٽڻ جي جاءِ (آخرت) ڏانھن تو کي ضرور موٽائڻ وارو آھي، (اي پيغمبر! کين) چئو تہ جنھن ھدايت آندي، تنھن کي منھنجو پالڻھار چڱو ڄاڻندڙ آھي ۽ اُنھيءَ کي بہ جيڪو پڌريءَ گمراھي ۾ آھي

Choose other languages: