Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #82 Translated in Sindhi

قَالَ إِنَّمَا أُوتِيتُهُ عَلَىٰ عِلْمٍ عِنْدِي ۚ أَوَلَمْ يَعْلَمْ أَنَّ اللَّهَ قَدْ أَهْلَكَ مِنْ قَبْلِهِ مِنَ الْقُرُونِ مَنْ هُوَ أَشَدُّ مِنْهُ قُوَّةً وَأَكْثَرُ جَمْعًا ۚ وَلَا يُسْأَلُ عَنْ ذُنُوبِهِمُ الْمُجْرِمُونَ
(قارون) چيو تہ، اُھو (گھڻو مال) تہ رڳو ھڪ ھُنر سان، جو مون وٽ آھي، مون کي مليو آھي، نہ ڄاتو ھئائين ڇا تہ بيشڪ الله کانئس اڳ (اُھي) ڪيترائي جُڳ ناس ڪري ڇڏيا ھئا، جيڪي کانئس ڏاڍيءَ سگھ وارا ۽ وڏي جماعت وارا ھئا، ۽ ڏوھارين کان سندن ڏوھن بابت (عذر) نہ پڇبو
فَخَرَجَ عَلَىٰ قَوْمِهِ فِي زِينَتِهِ ۖ قَالَ الَّذِينَ يُرِيدُونَ الْحَيَاةَ الدُّنْيَا يَا لَيْتَ لَنَا مِثْلَ مَا أُوتِيَ قَارُونُ إِنَّهُ لَذُو حَظٍّ عَظِيمٍ
پوءِ (ھڪ ڏينھن) پنھنجي قوم جي سامھون پنھنجي سينگار سان نڪتو، جيڪي دنيا جي حياتي گھرندا ھئا، تن چيو تہ، ھاءِ ارمان! اھڙو (مال) جيڪر اسان کي (بہ) ھجي ھا جھڙوڪ قارون کي ڏنو ويو آھي، بيشڪ اُھو وڏي نصيب وارو آھي
وَقَالَ الَّذِينَ أُوتُوا الْعِلْمَ وَيْلَكُمْ ثَوَابُ اللَّهِ خَيْرٌ لِمَنْ آمَنَ وَعَمِلَ صَالِحًا وَلَا يُلَقَّاهَا إِلَّا الصَّابِرُونَ
۽ جن کي علم ڏنو ويو تن چيو تہ، اوھان لاءِ ويل ھُجي! الله جو ثواب اُنھيءَ ماڻھوءَ لاءِ ڀَلو آھي، جنھن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، اِھا (ڳالھ) صابرن کانسواءِ (ٻئي) ڪنھنجي دل ۾ نہ گِھڙندي آھي
فَخَسَفْنَا بِهِ وَبِدَارِهِ الْأَرْضَ فَمَا كَانَ لَهُ مِنْ فِئَةٍ يَنْصُرُونَهُ مِنْ دُونِ اللَّهِ وَمَا كَانَ مِنَ الْمُنْتَصِرِينَ
پوءِ کيس ۽ سندس گھر کي زمين ۾ ڳھايوسون، پوءِ الله کانسواءِ ڪا ٽولي اُن لاءِ ڪانہ ھئي، جا کيس مدد ڏئي، ۽ نڪي پاڻ وير وٺڻ وارن مان ھو
وَأَصْبَحَ الَّذِينَ تَمَنَّوْا مَكَانَهُ بِالْأَمْسِ يَقُولُونَ وَيْكَأَنَّ اللَّهَ يَبْسُطُ الرِّزْقَ لِمَنْ يَشَاءُ مِنْ عِبَادِهِ وَيَقْدِرُ ۖ لَوْلَا أَنْ مَنَّ اللَّهُ عَلَيْنَا لَخَسَفَ بِنَا ۖ وَيْكَأَنَّهُ لَا يُفْلِحُ الْكَافِرُونَ
۽ جن ڪالھ سندس مرتبي جي سَڌ ٿي ڪئي سي صبح جو چوڻ لڳا تہ، عجب آھي تہ الله پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي (تنھنجي) روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ تنگ (بہ) ڪندو آھي، جيڪڏھن الله اسان تي احسان نہ ڪري ھا تہ اسان کي (بہ زمين ۾) ڳھائي ڇڏي ھا! نہ ڄاتو اٿيئي تہ ڪافرن کي ڇوٽڪارو نہ آھي؟

Choose other languages: